سياست ۾ ائين ٿيندو آهي، برداشت نٿا ڪري سگهو ته ٻيو ڪو آسان ڪم ڪري وٺو: صدر زرداري جي ٻيهر عمران خان تي تنقيد
وهاڙي: صدر آصف علي زرداري هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڏيڍ سال ۾ هنن جا آواز اچڻ شروع ٿي ويا آهن، سياست ۾ ته ائين ٿيندو آهي جيڪڏهن برداشت نٿا ڪري سگهو ته ڪو ٻيو آسان ڪم ڪري وٺو.
وهاڙي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته هارين کي سهولتن جي فراهمي وقت جي گهرج آهي. زرعي شعبي جي بهتري سان ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. ملڪ ۾ هر قسم جي نعمت موجود آهي صرف تسلسل ۽ سوچ موجود نه آهي.
هن چيو ته قومي ترقي جو انحصار هارين کي مضبوط بنائڻ، جديد زرعي طريقن کي هٿي ڏيڻ ۾ آهي، پاڪستان جي معاشي چيلنجز جو واحد پائيدار حل زراعت آهي. آصف علي زرداري چيو ته ججز جون پگهارون مون ٽيڻ تي وڌائي ڇڏيون آهن، مان هر ڪم سوچي سمجهي ڪندو آهيان. صدر چيو ته ڪشمير پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آهي انهي جي هڪ انچ تي به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. شهيد ڀٽو(ذوالفقار علي ڀٽو) علاقائي خطرن کي آڏو رکندي پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنايو.
هن چيو ته حڪمراني جي لاءِ لچڪ ضروري آهي، سياسي تعاون، انتهاپسندانه رجحانن کي روڪڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. مون کي خبر آهي ته بلوچستان جي عوام تڪليف ۾ آهي پر ملڪ جون حالتون پهريان کان بهتر آهن مڪمل بهتر ٿيڻ ۾ وقت لڳندو. اسان سنڌ ۽ بلوچستان تائين محدود آهيون، پنجاب ۾ اسان جي حڪومت نه آهي. جڏهن ته ڪي پي ڪي جي پنهنجي ڌار سوچ آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت مارڪٽ ۾ مصروف آهي. ملڪ هنن کي ٺاهڻو نه آهي. ماڻهن جو ڪم به ناهي ڪرڻو، ڪي پي ڪي حڪومت ڪوبه ڪم نه ڪيو آهي.
عمران خان جو نالو وٺڻ کان سواءِ صدر آصف علي زرداري چيو ته ملڪ هڪ سال بيهي رهي ته 10 سال پوئتي هليو ويندو آهي. هي ملڪ چار سال رڪجي ويو. انهي شخص کي روز تقريرون ڪرڻ جي عادت هئي، هر ٽي وي تي انهي جي تقرير ايندي هئي ته ٻيون تقريرون بند ٿي وينديون هيون.
آصف علي زرداري چيو ته ڏيڍ سال به نه گذريو آهي ته اتان کان آواز اچي رهيا آهن. پٽ چئي رهيو آهي ته مون کي ملڻ نه پيو ڏني وڃي. مون 14 سال جيل ڪاٽي، پنهنجي ٻارن سان مليس ته اهي مون کان به قد ۾ وڏا ٿي چڪا هئا. هن چيو ته اهي تڪليفون ته اوهان کي برداشت ڪرڻيون آهن، اهو ته زندگي جو حصو آهي جيڪڏهن نٿا برداشت ڪري سگهون ته ڪو ٻيو آسان ڪم ڪري وٺو ، هي ڪم ڪرڻ ضروري آهي ته اوهان مدر ٽريسا بڻجي وڃو، ڪرڪيٽ جا ديوتا بڻجي وڃو، هر جڳهه تي ڪرڪيٽ جا ڪلب ٺاهيو ها، ڪنهن به هڪ شعبي تي ڪم ڪريو ها، جيڪڏهن سياست آهي ته انهي ۾ هر شعبو ايندو آهي.
تبصرے بند ہیں۔