باجوڙ، پوسٽ تي حملو، 11 جوان شهيد، 12 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي:  باجوڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن ۾ 12 خارجي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ دهشتگرد ڌماڪي ۾ 11 اهلڪار شهيد ٿي ويا.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب 16 فيبروري تي ڀارتي پراڪسي فتنه الخارج ضلعي باجوڙ ۾ هڪ دهشتگرد حملو ڪيو، جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ جهڙپ ٿي، جنهن ۾ 12 خارجي مارجي ويا، آءِ ايس پي آر چيو ته حملي آور چيڪ پوسٽ جي سيڪيورٽي کي ٽوڙڻ چاهين پيا، پر انهن جو منصوبو ناڪام بڻايو ويو، جنهن کان پوءِ حملي آورن بارود سان ڀريل گاڏي چيڪ پوسٽ جي ڀت سان ٽڪرائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ 11 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب، ڌماڪي سان ويجهي رهائشي عمارتن کي به سخت نقصان پهتو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري شهيد ٿي وئي ۽ عورتن ۽ ٻارن سميت 7 ماڻهو زخمي ٿيا.پاڪ فوج جي ترجمان موجب علائقي ۾ هندستاني سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ وڌيڪ خارجين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، جڏهن ته نيشنل ايڪشن پلان تحت دهشتگردي خلاف مهم پوري رفتار سان جاري رهندي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فوجين ۽ عام ماڻهن جون قربانيون دهشتگردي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

تبصرے بند ہیں۔