پارليامينٽ هائوس ڌرڻو: پي ٽي آءِ جا 7 اسيمبلي ميمبر دهشتگردي جي ڪيس ۾ گرفتار

اسلام آباد: پوليس پارليامينٽ لاجز جي سامهون اهلڪارن سان هاٿا پائي ۽ جهيڙو ڪرڻ تي تحريڪ انصاف جي 6 اسيمبلي ميمبرن کي گرفتار ڪري ورتو.

اسلام آباد پوليس جي ذريعن موجب پارليامينٽ لاجز جي ٻاهران اهلڪارن سان هاٿا پائي ڪندڙ تحريڪ انصاف جي 2 قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ چئن صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب گرفتار ٿيلن ۾ ايم اين اي شفقت اعواڻ ۽ ايم اين اي عمر اسلم شامل آهن. انهي کان علاوه ايم پي اي رفعت شاهه، سرفراز ڊوگر، ملڪ اسد ۽ طيب راشد کي به گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب جوابدارن جي خلاف دهشتگردي، قتل جي ارادي سميت 11 قلمن جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو. جوابدارن تي هنگامه آرائي، پوليس اهلڪارن تي فائرنگ، هٿيار ڦرڻ ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جا الزام آهن.

ايف آءِ آر ۾ لکيو ويو آهي ته جوابدارن سرڪاري گاڏين کي نقصان پهچايو، خوف حراس جي فضا قائم ڪئي. انهي کان اڳ اسلام آباد جي سنگجاني ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي مدعيت ۾ پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران ڌرڻي تي تحريڪ انصاف جي 7 اسيمبلي ميمبرن ۽ 55 ڄڻن جي خلاف دهشتگردي سميت ٻين قلمن جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

هوڏانهن پوليس ڌرڻي مان گرفتار ٿيل چئن ڄڻن کي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت انهن جو 5 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو.

تبصرے بند ہیں۔