حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد:  حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. حڪومت طرفان پيٽرول جي قيمت ۾ 5 روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 258 روپيه 17 پئسا في ليٽر مقرر ٿي وئي.

انهي کان علاوه هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 روپيه 32 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيل جي نئين قيمت 275 روپيه 70 پئسا ٿي وئي. پيٽروليم ڊويزن قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف حڪومت گاسليٽ به 4 روپيه 73 پئسا في ليٽر مهانگو ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ گاسليٽ جي تيل جي نئين قيمت 180 روپيه 53 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔