ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: ڪپتان سلمان علي آغا ڀارت کان شڪست جو ذميوار بيٽسمينن کي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪولمبو:  آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جي هٿان شڪست کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته پاور پلي ۾ وڪيٽون ڪرڻ سبب ميچ هٿن مان نڪري ويو، اسان جا بيٽسمين صورتحال موجب نه کيڏي سگهيا.

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جي خلاف ميچ ۾ پاڪستان کي 61  رنسن تان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنسون ٺاهيون، ڀارت جي 176 رنسن جي حدف کي پورو ڪرڻ جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 18 اوور ۾ 114 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

ڀارت کان شڪست کان پوءِ پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا پوسٽ ميچ پريزنٽيشن ۾ چيو ته رنسون ٺاهڻ جي شروعات ۾ جلد وڪيٽون ڪرڻ سبب پريشر وڌيو. سلمان علي آغا چيو ته اسان 4 اسپنرز سان ميدان ۾ لٿا هئاسين، بيٽنگ ۾ به اسان سٺي راند نه کيڏي سگهياسين جيڪڏهن پاور پلي ۾ 3، 4 وڪيٽون ڪري پون ته پوءِ مشڪل ٿي ويندو آهي.

هن چيو ته  ٻئي اننگز ۾ پچ ڪافي بهتر ٿي وئي هئي، پر اسان صورتحال موجب نه بالنگ ڪري سگهياسين ۽ نه ئي وري بيٽنگ ۾ صحيح طريقي سان کيڏي سگهياسين.

پاڪستاني ڪپتان وڌيڪ چيو ته ڀارت جهڙي روايت مخالف جي خلاف سخت مقابلن ۾ دٻاءُ کي منهن ڏيڻ ضرور هوندو آهي، هن وڌيڪ چيو ته هاڻ ٽيم کي اربع تي نميبيا جي خلاف اهم گروپ ميچ تي ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن ٽي ٽوئٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 8 مرحلي جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري سگهجي.

 

تبصرے بند ہیں۔