بنگلاديش چونڊن ۾ نئون تڪرار، 32 تڪن جا نتيجا چيلينج

ڍاڪا:  بنگلاديش ۾ ٿيل تازين عام چونڊن کان پوءِ جماعت اسلامي جي قيادت ۾ قائم اتحاد 32 تڪن جي نتيجن کي چيلينج ڪندي اليڪشن ڪميشن ۾ باضابطه طور شڪايت جمع ڪرائي ڇڏي آهي.خميس تي ٿيل چونڊن ۾ بي اين پي واضح اڪثريت حاصل ڪئي. اليڪشن ڪميشن موجب بي اين پي اتحاد 212 سيٽون کٽيون، جڏهن ته جماعت اسلامي جي قيادت واري اتحاد کي 77 سيتون مليون. بي اين پي جي سربراهه طارق رحمان جي ڪاميابي کان پوءِ اهو ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بڻجي رهيو آهي. نون چونڊيل پارليامينٽ ميمبرن جي حلف برداري اڱاري تي ٿيڻ جو امڪان آهي.جماعت اسلامي جي امير شفيق الرحمان ڇنڇر جي ڏينهن شڪست مڃيندي چيو هو ته اسان جي پارٽي پارليامينٽ ۾ بااصول ۽ پرامن اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي. پر آچر تي پارٽي جي اڳواڻن 32 تڪن ۾ مبينه بي ضابطگين جي شڪايت جمع ڪرائي.سينئر اڳواڻ حميدالرحمان آزاد موجب اهڙن تڪن ۾ اسان جي اميدوار کي غير منصفانه طور تي شڪست ڏني وئي. هن الزام لڳايو ته ووٽنگ جي اختتام تي جعلي ووٽ، رشوت، ڌمڪين ۽ تشدد جا واقعا پيش آيا.پوليس موجب چونڊ مهم جي دوران سياسي چڪرين ۾ پنج ڄڻا مارجي ويا ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جڏهن ته نتيجن کان پوءِ به ڪجهه علائقن ۾ چڪرين ۽ ڀڃ ڊاهه جا واقعا رپورٽ ٿيا جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 ڄڻا مارجي ويا. پوليس ترجمان اي ايڇ ايم شهادت حسين موجب چونڊن کان اڳ ۽ بعد جي امڪاني تشدد کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڏيڍ لک کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا جن کي تربيت به ڏني وئي هئي.اليڪشن ڪميشن موجب 300 مان 299 تڪن ۾ پولنگ ٿي جنهن ۾ گڏيل ٽرن آئوٽ تقريبن 59 سيڪڙو رهيو. سڌو سنئون چونڊجي ويل عورت جو تعداد 7 رهيو. جڏهن ته عورتن جون مخصوص 50 سيٽون پارٽي کي انهن جي ووٽ شيئر موجب ڏنيون وينديون. اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ چار اميدوار به ڪامياب ٿيا، جن ۾ 2 هندو شامل آهن.

تبصرے بند ہیں۔