10 لک نوجوانن جي آئي ٽي صلاحيتن کي اپ گريڊ ڪنداسين: شزا فاطمه

لاهور:  وفاقي وزير آءِ ٽي شزا فاطمه خواجه چيو آهي ته پنجن سالن ۾ 10 لک نوجوانن جي آءِ ٽي صلاحيتن کي اپ گريڊ ڪيو ويندو. لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شزا فاطمه خواجه چيو ته اهي سڀني لاءِ اسمارٽ فون پاليسي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ ڪاروبار کي آسان بڻائڻ لاءِ سهولت مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن.هن چيو ته انڊس اي آءِ ويڪ دوران ملڪ ۾ 90 کان وڌيڪ تقريبون منعقد ڪيون ويون، ۽ ايندڙ پنجن سالن ۾ 10 لک نوجوانن جي صلاحيتن کي اپ گريڊ ڪيو ويندو.وفاقي وزير آءِ ٽي چيو ته اي آءِ شعبي ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، ۽ ٻن سالن ۾ آئي ٽي برآمدات ۾ هر سال 20 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.شزا فاطمه خواجه وڌيڪ چيو ته اهي اي آءِ پاليسي تحت ماحولياتي نظام تي ڪم ڪري رهيا آهن.

تبصرے بند ہیں۔