اي آءِ ۾ 2030 تائين هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪنداسين : وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سومر ڏينهن اعلان ڪيو آهي ته حڪومت 2030 تائين مصنوعي ذهانت (اي آءِ) ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿي.
انڊس اي آءِ ويڪ 2026، 9 فيبروري کان 15 فيبروري (آچر) تائين منعقد ٿي رهيو آهي. تقريب جي ويب سائيٽ موجب، هي “پاڪستان لاءِ مصنوعي ذهانت جو سرڪاري قومي پليٽفارم آهي، جتي پاليسي، جدت، صلاحيت ۽ سيڙپڪاري گڏ ٿين ٿيون”.
اسلام آباد ۾افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته “پاڪستان جي حڪومت 2030 تائين اي آءِ ۾ هڪ ارب ڊالر سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، جيڪا اسان جي ملڪ ۾ اي آءِ ايڪو سسٽم ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي”.
جديد ٽيڪنالاجي سان هم قدم رهڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جو اعلان ڪندي، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اي آءِ جو نصاب “نه رڳو وفاق جي انتظام يا ڪنٽرول هيٺ هلندڙ سڀني اسڪولن، پر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير (اي جي ڪي) ۽ گلگت-بلتستان (جي بي) جي سڀني اسڪولن” ۾ به متعارف ڪرايو ويندو.
هن زور ڏنو ته هي منصوبو بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ به لاڳو ڪيو ويندو، ته جيئن “اسان جي نوجوانن کي قيادت ۽ ڊجيٽل معيشت لاءِ تيار ڪري سگهجي”.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته حڪومت 2030 تائين سڄي ملڪ جي شاگردن کي اي آءِ ۾ هڪ هزار مڪمل طور فنڊ ٿيل پي ايڇ ڊي اسڪالرشپون فراهم ڪندي، جن جو مقصد پاڪستان کي “مڪمل صلاحيتن سان ليس عالمي معيار جو ريسرچ سينٽر” بڻائڻ آهي.
“آخر ۾، پر گهٽ اهم نه، اسان هڪ قومي سطح جو پروگرام شروع ڪنداسين، جنهن تحت 10 لک غير آءِ ٽي ماهرن کي اي آءِ جون مهارتون سيکاريون وينديون، جنهن سان پيداوار ۾ واڌ ۽ روزگار جا ذريعا بهتر ٿيندا”.
وزيراعظم چيو ته “پاڪستان مڪمل طور تي تيار آهي ته هن چئلينج کي قبول ڪري ۽ پنهنجي عالمي ڀائيوارن سان وڏي وابستگي ۽ جذبي سان اڳتي وڌي”.
هن وضاحت ڪئي ته زراعت، کاڻين ۽ معدنيات جا شعبا ترجيحي علائقا هوندا، ۽ چيو ته حڪومت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ چاهي ٿي، جيڪي ملڪ جي ڪل آبادي جو 60 سيڪڙو آهن.
“اسان کي انهن کي جديد علم ۽ جديد طريقن سان ليس ڪرڻو پوندو، ۽ آءِ ٽي اسٽارٽ اپس ۽ آءِ ٽي ٽيڪنيشن اڳ ئي دٻاءُ ۽ مقابلي کي محسوس ڪري رهيا آهن”، هن يقين ڏياريو ته حڪومت اهڙا پروگرام آڻيندي، جيڪي “انهن کي آءِ ٽي ٽيڪنيشن مان اي آءِ ماهر بڻائيندا”.
هن وڌيڪ چيو ته ان سان زراعت ۾ پيداوار، معيار ۽ ڪارڪردگي ۾ غير معمولي واڌ ايندي، گڏوگڏ صنعتي ترقي ۽ عورتن جي بااختياري ۾ بهتري ايندي.
حڪومت جولاءِ 2025 ۾ قومي اي آءِ پاليسي جي منظوري ڏني هئي، جنهن جو مقصد مصنوعي ذهانت تائين رسائي کي عام ڪرڻ، عوامي خدمتن کي بهتر بڻائڻ ۽ روزگار ۽ جدت جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ آهي.
تنهن هوندي به، پاليسي جي منظوري کان ڇهن مهينن کان وڌيڪ عرصي گذرڻ باوجود ان تي عملدرآمد رڪجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت اي آءِ ڪائونسل جي جوڙجڪ ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو ۽ صوبائي حڪومتن طرفان به ڪو جواب نه آيو.
هن وقت قومي اي آءِ پاليسي جو رڳو هڪ ٿنڀ “آگاهي ۽ تياري” تي عملدرآمد هيٺ آهي. عملدارن جو چوڻ آهي ته انڊس اي آءِ ويڪ ان حوالي سان پهريون قدم آهي.
‘گيم چينجر اپاءَ’
خطاب جي شروعات ۾ وزيراعظم چيو ته انڊس اي آءِ ويڪ “نه رڳو پاڪستان جي ٽيڪنالاجي منظرنامي کي تبديل ڪندو، پر هي مڪمل طور تي راند بدلائيندڙ قدم ثابت ٿيندو”.
هن چيو ته “اسان پنهنجن دوست ۽ ڀائيوار ملڪن سان گڏجي، وڏي وابستگي ۽ جوش سان هن گڏيل سفر جي شروعات ڪنداسين”.
وزيراعظم زور ڏنو ته سندس ڀاءُ ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت “جديد گهرجن سان هم آهنگ رهڻ ۽ جديد چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي”. هن ياد ڏياريو ته پنجاب جو وزيراعليٰ هئڻ دوران حڪومت ڪيترائي اهڙا قدم کنيا، جيڪي “تعليم، صحت، آمدني ۽ نوجوانن جي حوصلا افزائي لاءِ انتهائي اهم هئا”.
وزيراعظم ٻڌايو ته پنجاب حڪومت 2010 ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جو منصوبو شروع ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اي لائبريريون ۽ اي اسٽيمپ پيپر به متعارف ڪرايا ويا، جن جو مقصد “اهڙي اضافي آمدني پيدا ڪرڻ هو، جيڪا ملي ڀڳت ذريعي ضايع ٿي رهي هئي”.
وزيراعظم پنجاب ۾ زمين جي ريڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن جو به ذڪر ڪيو، جيڪا “ورلڊ بئنڪ سان مضبوط ڀائيواري” سان ڪئي وئي، ۽ جنهن سان ڪرپٽ روينيو عملدارن جو خاتمو ٿيو.
“اهي آفيسن ۾ ٿيلها کڻي ويهندا هئا، ريڪارڊ ۾ هٿ چراند ڪندا هئا ۽ رشوت وٺندا هئا. مڪمل ڊجيٽلائيزيشن سان هي سڀ ڪجهه ختم ڪيو ويو.” وزيراعظم ٻڌايو ته ملڪ جو پهريون سيف سٽي منصوبو، جنهن تحت نگراني ڪيمرائن ذريعي ڏوهه گهٽايو وڃي ٿو، ۽ پهرين آءِ ٽي يونيورسٽي لاهور ۾ قائم ڪئي وئي.
وزيراعظم شهباز شريف وفاقي بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ڊجيٽلائيزيشن جو به ذڪر ڪيو، ۽ چيو ته اهو عمل هاڻي “تقريبن مڪمل طور تي تبديل ٿي چڪو آهي”. هن چيو: “ايف بي آر سٺو ڪم ڪري رهيو آهي. اسان پاڪستان ۾ اسمگلنگ کي جديد قدمن ذريعي ڪنٽرول ڪيو آهي، بندرگاهن تي اسڪينر ۽ ٻيا ڊجيٽل اوزار لڳايا ويا آهن. “انهن پليٽفارمن ذريعي اسان ضايع ٿيل رقم ۽ ملي ڀڳت سان ٽيڪس چوري کي واپس حاصل ڪري رهيا آهيون.”
هن چيو: “اسان جي وابستگي مضبوط ۽ اٽل آهي. اسان ڪڏهن به پوئتي نه هٽنداسين، اڳتي وڌندا رهنداسين، ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان قومن جي برادري ۾ پنهنجي منزل ماڻي وٺندو.”
تقريب کي خطاب ڪندي آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه چيو ته انڊس اي آءِ ويڪ جو مقصد يونيورسٽين، حڪومتن ۽ بين الاقوامي ڪمپنين وچ ۾ هم آهنگي مضبوط ڪرڻ آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي مستقبل جي تبديلي جي رهنمائي لاءِ قومي سطح جو ڊجيٽل ماسٽر پلان تيار ڪري رهي آهي.
پنهنجي خطاب ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته دنيا اهڙي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي ذهانت پاڻ پيداوار جو اهم عنصر بڻجي چڪي آهي، ۽ قومون هاڻي وسيلن بدران خيالن، صلاحيتن، ڊيٽا ۽ ٽيڪنالاجي جي بنياد تي مقابلو ڪري رهيون آهن. هن چيو ته اي آءِ بجلي يا انٽرنيٽ کان به وڏو “تبديلي آڻيندڙ عنصر” آهي.
وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ٽيڪنالاجي سان وابستگي ٻه ڏهاڪا اڳ شروع ٿي، جڏهن ابتدائي آءِ ٽي پاليسيون، نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جو قيام، ۽ انساني صلاحيتن ۾ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪئي وئي.

تبصرے بند ہیں۔