برطانوي وزيراعظم جي استعيفيٰ بابت افواهون تيز

لنڊن : برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي استعيفيٰ بابت افواهون تيز ٿي ويون، وزيراعظم جي صلاحڪار مورگن ميڪسويني جي استعيفيٰ سياسي دٻاءُ وڌايو.اڪثر برطانوي ڪابينا وزيرن سر ڪيئر اسٽارمر جي حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته اسڪاٽش ليبر ليڊر انس سرور قيادت جي تبديلي جو مطالبو ڪيو آهي.ايپسٽائن فائلن جي جاري ٿيڻ کان پوءِ برطانوي سياست ۾ هڪ نئون بحران پيدا ٿيو آهي، اڳوڻي سفير پيٽر مينڊلسن جي ايپسٽائن سان لاڳاپن جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ تڪرار تيز ٿي ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔