ممبئي:بالي ووڊ جي اداڪاره راکي ساونت ليجنڊ اداڪار اميتاب بچن کي اداڪاره ريکا سان ٻئي شادي ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.
راکهي ساونت جي ڀارتي ميڊيا سان ڪيل ڳالهين جو هڪ ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل آهي جنهن ۾ هو اميتاب ۽ جيا بچن جي ازدواجي زندگي تي ڳالهيون ڪري رهي آهي.
انهي دوران راکهي چيو ته مان اميتاب بچن کي چوندس ته هو بالي ووڊ جي سينئر اداڪاره ريکها سان شادي ڪري وٺي، هونئن به ٻن شادين جو ٽرينڊ هلي رهيو آهي. هن چيو ته اميتاب بچن پنهنجي گهر واري لاءِ جيا بچن کي ڇو چونڊ ڪيو؟ مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اداڪاره ريکها کي ڇو نه چونڊيو. جيا بچن ايتري ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي آهي پوءِ به سٺي شلوار قميص نٿي پائي.
راکهي جيا بچن کي مخاطب ٿيندي اهو به چيو ته مون کي پنهنجي سالگره تي گهرايو مان اوهان کي سٺي شلوار قميص تحفي ۾ ڏيندس.
راکهي ساونت جيا بچن کي مشورو ڏيندي چيو ته اوهان پنهنجي وارن کي ڊائي(هيئر ڪلر) ڪريو ۽ پنهنجي چهري تي بوٽاڪس ڪرايو، اوهان اميتاب بچن جي گهر واري آهيو. جيڪڏهن ڪير به مون کي چئي ته اميتاب بچن لاءِ جيا ۽ ريکها مان ڪنهن هڪ کي چونڊ ڪريو ته مان ريکها کي ڪندس.
تبصرے بند ہیں۔