گل پلازا سانحو: چيف فائر آفيسر جو جواب عدالت ۾ جمع

ڪراچي : گل پلازا سانحي خلاف آئيني درخواست جي ٻڌڻي دوران چيف فائر آفيسر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو.
ٻڌڻي دوران چيف فائر آفيسر چيو ته باهه جي حفاظت جا قانون لاڳو ڪرڻ فائر برگيڊ جي اختيار ۾ ناهي. فائر برگيڊ جي عملدارن 2021 ۾ گل پلازا ۾ باهه جي حفاظت جو سروي ڪيو هو.
هن چيو ته گل پلازا انتظاميا کي مشاهدن ۽ فائر سيفٽي انتظامن ۾ خامين بابت آگاهه ڪيو ويو هو. گل پلازا ۾ باهه لڳڻ دوران فائر برگيڊ آپريشن ۾ حصو ورتو. گل پلازا آپريشن دوران فائر برگيڊ جو هڪ اهلڪار فرقان شهيد ٿي ويو.

تبصرے بند ہیں۔