لنڊن: نوبل انعام يافته پاڪستاني ملاله يوسفزئي هڪ ٻيو پروقار اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي
آسڪفورڊ يونيورسٽي جي ليڊي مارگريٽ هال ۾ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو کان پوءِ ملاله يوسفزئي جي تصوير به لڳائي وئي آهي. ملاله جي تصوير ليڊي مارگريٽ هال ۾ لڳائڻ جي حوالي سان خصوصي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ تعليم جي ماهرن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
انهي حوالي سان نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ملاله يوسفزئي چيو ته سمورن ملڪن کي طالبان تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي انهن سان معمول جا لاڳاپا نه رکڻ گهرجن.
ملاله چيو ته طالبان پنهنجي ملڪ جي اڌ حصي کي دٻائي رکيو آهي. اهي ڇوڪرين ۽ عورتن کي انهن جي حقن کان محروم ڪري رهيا آهن. سمورا ملڪ انساني حقن جي بنياد تي اڳيان اچن ۽ مسلمان ملڪن جي به ذميواري آهي ته اهي طالبان جي غير اسلامي قدمن جي مذمت ڪن.
هن وڌيڪ چيو ته طالبان پنهنجي دين کي سمجهن، علم حاصل ڪرڻ دين جو حصو آهي ۽ هاڻ اهي ڪنهن به بار کي دين جي نالي تي تعليم کان محروم نٿا ڪري سگهن. افغانستان ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي پابندي جي حوالي سان تمام گهڻو خطرناڪ وقت آهي. طالبان ڇوڪرين کان تعليم جو بنيادي حق ڦري رهيا آهن جنهن جي ڪري ڇوڪريون اسڪول به نٿيون وڃي سگهن.
ملاله چيو ته طالبان جو ڇوڪرين کي تعليم حاصل ڪرڻ کان روڪڻ اسلام جي پيغام جي خلاف آهي. طالبان عورتن کي گهر کان ٻاهر وڃڻ ۽ ڪم ڪرڻ نٿا ڏين. اتي ٻارن جو مستقبل اونداهو نظر اچي رهيو آهي. افغان عورتن ۽ ڇوڪرين وڏين پابندين باوجود همت ناهي هاري اهي هن وقت به ڳجهن اسڪولن ۾ آن لائن تعليم حاصل ڪري رهيون آهن.
ملاله يوسفزئي اهو به چيو ته مان افغان ڇوڪرين سان گڏ آهيان ۽ انهن جي پروجيڪٽ کي سپورٽ ڪري رهيا آهن. پاڪستاني افغانين سان يڪجهتي جو اظهار ڪن ۽ طالبان جي قدمن جي مذمت ڪن. بينظير ڀٽو نه صرف پاڪستان پر سڄي دنيا جي عورتن لاءِ انسپريشن آهي.
انهي حوالي سان پورٽريٽ اسپانسر حامد اسماعيل چيو ته انتهائي پروقار يونيورسٽي ۾ ملاله جو پورٽريٽ لڳائڻ صرف ملاله لاءِ نه پر پاڪستان لاءِ اعزاز آهي. پورٽريٽ جي اسپانسر شپ لاءِ مون کي چونڊ ڪرڻ منهنجي لاءِ به اعزاز آهي.
انهي موقعي تي ملالا جي والد يوسفزئي چيو ته شڪر ۽ فخر آهي ته بينظير کان پوءِ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ خدمتن تي ملاله جي تصوير آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ لڳل آهي جڏهن ته ملاله جي والده چيو ته ملاله جي تصوير لڳڻ تي مان تمام گهڻو خوش آهيان ۽ فخر آهي. الله تعاليٰ انهي کي نئين زندگي ڏني هئي.
تبصرے بند ہیں۔