پاڪستان جو ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ جو فيصلو، آءِ سي سي وڏي مالي نقصان کان بچي ويو

لاهور:  ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ ڀارت ميچ منعقد ڪرڻ واري فيصلي سان آءِ سي سي جا 147 ملين آمريڪي ڊالر بچي ويا

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته نقصان جو اندازو براڊ ڪاسٽرز، گيٽ مني ۽ ٻئي اسپانسپر شپ جي مد ۾ لڳايو ويو. پاڪ ڀارت ميچ جي بحالي واري فيصلي جي فوري بعد ممبئي ۽ ڪولمبو جي ايئر ٽڪيٽ ۾ اضافو ڏٺو ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب ممبئي ۽ ڪولمبو جي ٽڪيٽ ۾ شروعاتي طور تي 10 کان 60 هزار روپين تائين جو اضافو ٿيو آهي. پاڪ ڀارت ميچ سبب ڪولمبو ۾ هوٽل انڊسٽري به خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

انهي کان اڳ پاڪستان طرفان ميچ جي بائيڪاٽ کان پوءِ هوٽل جي بڪنگ ملتوي ڪرڻ جي لاءِ رابطا ڪيا ويا جڏهن ته ڪيترن ئي ڪرڪيٽ جي شوقينن پاڪ مارچ ميچ جي ٽڪيٽن جي ري فنڊنگ جي پاليسي جي حوالي سان ڄاڻ حاصل ڪري رهيا هئا.

ياد رهي ته پاڪستان جي حڪومت قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ ڀارت جي خلاف ميچ کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان جي حڪومت طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ڀارت سان ميچ کيڏندو قومي ٽيم کي 15 فيبروري تي شيڊول موجب ميچ کيڏڻ جو چيو ويو آهي. ياد رهي ته انهي کان اڳ پاڪستان  ڀارت جي خلاف ميچ جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو هو.

 

تبصرے بند ہیں۔