توشه خانه ڪيس: سلمان صفدر فرينڊ آف دي ڪورٽ مقرر، عمران خان جي بيرڪ تائين پهچ ملي وئي، لکت ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ ايڊووڪيٽ سلمان صفدر کي فرينڊ آف دي ڪورٽ مقرر ڪندي اڊاله  جيل ۾ عمران خان جي بيرڪ تائين پهچ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

عمران خان جي خلاف داخل توشه خانه فوجداري ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ڪئي.

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته 24 آگسٽ 2023 جي حڪم نامي جي روشني ۾ لکت ۾ جواب چيمبر ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو هو. باني پي ٽي آءِ انهي وقت اٽڪ جيل ۾ هو جڏهن آرڊر ڏنو ويو هو، اسان چيمبر ۾ لکت ۾ رپورٽ 28 آگسٽ 2023 تي جمع ڪرائي ڇڏي هئي. منصور اعواڻ ٻڌايو ته رپورٽ سان گڏ 5 کان 18 آگسٽ جي ميڊيڪل رپورٽ به شامل هئي.

چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ريمارڪس ڏنا ته 24 آگسٽ 2023 جي حڪمنامي کان پوءِ ڪوبه آرڊر رڪارڊ تي نه آهي. جنهن تي سپريم ڪورٽ اطمينان جو اظهار ڪيو هو. اسان سلمان صفدر کي فرينڊ آف ڪورٽ مقرر ڪري رهيا آهيون، اسان کي سلمان صفدر تي مڪمل ڀروسو آهي.

عدالت چيو ته 24 آگسٽ 2023 جي حڪم نامي جي تحت جيڪا رپورٽ هئي انهي وقت پي ٽي آءِ باني اٽڪ جيل ۾ هو اهو مناسب آهي ته پي ٽي آءِ باني جي لِونگ ڪنڊيشن تي رپورٽ گهرائي وڃي. سلمان صفدر بطور فرينڊ آف دي ڪورٽ اڊياله جيل وڃي، سلمان صفدر کي پي ٽي آءِ باني جي بيرڪ تائين پهچ ڏني وڃي ته جيئن هو لکت ۾ جواب ڏئي، سلمان صفدر سڀاڻي تائين لکت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي.

سپريم ڪورٽ ايڊووڪيٽ سلمان صفدر کي هدايت ڪئي آهي ته اهو پي ٽي آءِ باني عمران خان جي جيل ۾ حالت ۽ انهي کي ملندڙ سهولتن بابت لکت ۾ رپورٽ ڏئي. سپريم ڪورٽ توشه خانه فوجداري ڪيس جي ٻڌڻي 12 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

تبصرے بند ہیں۔