اسلام آباد: پاڪستان ڀارتي آرمي چيف جي الزامن کي رد ڪندي دهشتگردي جي الزامن کي سياسي مقصدن لاءِ ٺاهيل هڪ من گھڙت ڪهاڻي قرار ڏنو. اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو ته اسان ڀارتي آرمي چيف جي الزامن کي سختي سان رد ڪريون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جي قربانين کي بين الاقوامي طور تي تسليم ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته ڀارت جا دهشتگردي جا الزام سياسي مقصدن لاءِ ٺاهيل هڪ من گھڙت ڪهاڻي آهي، ته ڀارتي بيان بازي پراڻي، روايتي ۽ گمراهه ڪندڙ آهي، ۽ پاڪستان خلاف ڀارتي الزام ڀارت جي پنهنجي ساک کي نقصان پهچائي رهيا آهن.پرڏيهي وزارت چيو آهي ته پاڪستان ايران جي خلاف پنهنجي زمين ۽ فضا استعمال نه ٿيڻ واري موقف تي قائم آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف کي قطر جي امير طرفان ٽيليفون ڪيو ويو. جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. اهڙي طرح نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي ازبڪستان جي پرڏيهي وزير طرفان به ٽيليفون آيو جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون.هوڏانهن اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقي سان به ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون جنهن ۾ ايران جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جڏهن ته هن ميانمار جي پرڏيهي وزير سان به رابطو ڪيو. انهي کان علاوه نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير انڊونيشيا جي سرمائيڪاري واري وزير سان به ٽيليفون تي رابطو ڪيو.آمريڪي ويرا پابندين بابت سوال تي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته اسان اهي رپورٽون ڏٺيون آهن، انهي معاملي تي آمريڪي اختيارين سان رابطي ۾ آهيون. ترجمان موجب آمريڪا پنهنجي ويزا پاليسي تي نظر ثاني ڪري رهيو آهي اميد آهي ته آمريڪا جلد پاڪستان جي لاءِ ويزا بحال ڪندو. آمريڪا جي اميگريشن بابت ڊوالپمينٽ رات دير سان سامهون آئي آهي اسان انهي معاملي کي ويجهو کان ڏسي رهيا آهيون.پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڀارت والاريل، جمون، ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي قراردادن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا سان واپاري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. ايران سان پاڪستان جو واپار، عالمي قامون موجب آهي. پاڪستان واپاري لاڳاپن جي حوالي سان ايران ۽ آمريڪا ٻنهي سان رابطي ۾ آهي. ترجمان موجب پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي وچ ۾ واپار قانون جي تحت ٿي رهيا آهن.هن چيو ته اسان کي ڀروسو آهي ته ايران پنهنجي عقلمندي، قديم تهذيب، جذبي سان حالتن تي ڪنٽرول ڪري وٺندو. پاڪستان ماضي ۾ ايران جي ايٽمي ڳالهين ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. ترجمان واضح ڪيو ته پاڪستان ماضي جيان هن وقت به ايران جي خلاف پنهنجي زمين ۽ فضائي حدون استعمال نه ٿيڻ واري موقف تي قائم آهي اڄ به اسان جو موقف ساڳيو ئي رهندو.هن چيو ته معاهده ابراهيمي تي پاڪستان جو بينچ مارڪ هڪ آزاد ۽ خودمختار رياست فلسطين جو قيام آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان عرب اسلامي ملڪن جي گروپ ذريعي غزه امن عمل ۾ شريڪ آهي. غزه امن عمل جي ٻئي مرحلي جي اعلان جي باري ۾ سوشل ميڊيا پوسٽ جي ذريعي آگاهي ملي.هن چيو ته افغانستان ۾ شاگردن جي واپسي واري معاملي تي ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخانو ڪم ڪري رهيو آهي. اسان انهي معاملي کي ڏسي رهيا آهيون. ايران ۾ ڦاٿل شاگردن جو وڏو تعداد گوادر پهچي چڪو آهي. پاڪستاني حڪومت ايران مان واپس موٽندڙ شاگردن جي سهولتڪاري ڪري رهي آهي. ايران ۾ پاڪستاني سفارتخانو به واپس موٽندڙ شاگردن جي مدد ڪري رهيو آهي.ترجمان موجب اندازي طور اربع جي ڏينهن 54 شاگرد جڏهن ته انهي کان اڳ 2 درجن شاگرد ايران کان واپس پهچي چڪا آهن. جلد واپس ايندڙ شاگردن جي تعداد بابت وڌيڪ ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي.
تبصرے بند ہیں۔