اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان آسان خدمت مرڪز جو باضابطه افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان آسان خدمت سينٽر جي قيام جو مقصد عوام کي هڪ ئي ڇت هيٺيان مختلف سرڪاري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي جنهن مان شهرين کي تمام گهڻيون سهولتون ملنديون.
وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان آسان خدمت سينٽر جي لاءِ آذربائيجان جي تعاون جي تعريف ڪندي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي آذربائيجان طرفان پاڪستان جي لاءِ هڪ قيمتي تحفو آهي. هن چيو ته انهي منصوبي جي لاءِ ماسٽر ٽرينرز آذربائيجان مان خصوصي تربيت حاصل ڪئي آهي ته جيئن عوام کي معياري ۽ موثر خدمتون فراهم ڪري سگهجن.
وزيراعظم افتتاح جي موقعي تي پاڪستان آسان خدمت سينٽر جي مختلف حصن جو به جائزو ورتو ۽ فراهم ڪيل سهوليتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته انهي جديد نظام سان شفافيت ۾ اضافو ٿيندو ۽ سرڪاري معاملن کي بهتر طريقي سان انجام ڏيڻ ۾ تيزي ايندي.
وزيراعظم اعلان ڪيو ته مستقبل ۾ مظفرآباد ۾ به پاڪستان آسان خدمت سينٽر قائم ڪيو ويندو جڏهن ته بلوچستان ۾ پاڪستان آسان خدمت سينٽر جي قيام لاءِ به عملي قدم کنيا ويندا.
انهي کان علاوه گلگت بلتستان ۽ ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به اهڙا مرڪز کوليا ويندا ته جيئن وڌ کان وڌ عوام انهي سهوليت مان فائدو حاصل ڪري سگهي. هن چيو ته عوامي خدمت حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان آسان خدمت سينٽر انهي عزم جي عملي مثال آهي.
تبصرے بند ہیں۔