تهران :ايران پنهنجي هوائي حدون هر قسم جي پروازن لاءِ بند ڪري ڇڏيون آهن، صرف بين الاقوامي پروازن کي اجازت سان هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت آهي اها صلاح، جيڪا اڍائي ڪلاڪن لاءِ لاڳو هئي، ان کي وڌيڪ ٽن ڪلاڪن لاءِ وڌايو ويو آهي، جيڪا پاڪستاني وقت مطابق صبح 8:30 وڳي تائين لاڳو رهندي ان دوران، آمريڪا کان پوءِ اسپين، پولينڊ ۽ اٽلي پنهنجي شهرين کي ايران ۾ سيڪيورٽي صورتحال جي ڪري فوري طور تي ايران ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي.آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ۽ اسرائيل يقين ڏياريو آهي ته اهي حملي ۾ اڳڀرائي نه ڪندا.
تبصرے بند ہیں۔