ڪراچي، ٿڌ ۾ اضافو، گرمي پد 6 ڊگري تائين ڪري پيو

ڪراچي: شهرِ قائد هن وقت سخت سرد موسم جي لپيٽ ۾ آهي، جتي گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 6 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم خشڪ رهڻ ۽ رات جو سردي برقرار رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 8 کان 10 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جي توقع آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ مجموعي طور گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 8.1 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه، گذريل رات شهر جي مختلف علائقن ۾ سڀ کان گهٽ گرمي پد جناح ٽرمينل تي 6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
گلستانِ جوهر ۽ شاهراهه فيصل تي گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 9، ماڙي پور ۾ 10 ۽ بن قاسم ۾ 10.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 24 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
شهر ۾ هلندڙ هوا ۾ نمي جو تناسب 44 سيڪڙو آهي ۽ اتر اوڀر کان هوائون 7 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گهلي رهيون آهن.

تبصرے بند ہیں۔