تهران: ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي چيو آهي ته فرعون، نمرود ۽ رضا شاهه سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهوئي ٽرمپ سان ٿيندو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ آيت الله خامنائي چيو ته غرور ۾ ٻڏل هڪ شخص سموري دنيا جا فيصلا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ٽرمپ کي سمجهڻ گهرجي ته اقتدار جي عروج تي طاقتور ترين حڪمرانن سان ڇا ٿيو. تاريخ گواهه آهي ته ظلم، غرور ۽ طاقت جي نشي ۾ مبتلا حڪمران وڌيڪ دير تائين قائم نه رهندا آهن.
ايران جي سپريم ليڊر چيو ته فرعون، نمرود ۽ رضا شاهه سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهوئي ٽرمپ سان به ٿيندو. واضح رهي ته ايراني صدر مسعود پزشڪيان آمريڪا ۽ اسرائيل کي ايران ۾ فسادن جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ايراني ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ مسعود پزشڪيان چيو ته آمريڪا اسرائيل ماڻهن کي هدايتون ڏئي رهيا آهن ته اسان توهان سان گڏ آهيون وڃو تخريبڪاري ڪريو، هي اهي ئي ماڻهو آهن جن ايران تي حملو ڪيو.
ايراني صدر اهو به چيو ته ڪنهن به پرڏيهي قوم ۾ انتشار جا ٻج پوکڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ٻئي طرف آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ملاقات جو انتظام ڪيو پيو وڃي ايران جي خلاف تمام گهڻن طاقتور آپشنز تي غور ڪري رهيا آهيون.
تبصرے بند ہیں۔