ڪنهن کي ڪهڙا تحفا مليا؟ توشه خانه جو وڌيڪ رڪارڊ سامهون اچي ويو

اسلام آباد:   توشه خانه ۾ ڪنهن ڪنهن کي ڪهڙا تحفا مليا؟ توشه خانه جو وڌيڪ رڪارڊ سامهون اچي ويو آهي.

ڪابينه ڊويزن آڪٽوبر کان ڊسمبر 2025 جي ٽن مهينن جو توشه خانه رڪارڊ جاري ڪري ڇڏيو. سمورين شخصيتن مليل تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. وفاقي حڪومت توشه خانه جو وڌيڪ رڪارڊ عوام آڏو آڻي ڇڏيو آهي.

ڪابينه ڊويزن جي دستاويزن موجب آڪٽوبر کان ڊسمبر 2025 جي ٽن مهينن ۾ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، فرسٽ ليڊي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، آءِ ٽي واري وزير شزا فاطمه، بجلي وارو وزير اويس لغاري، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق ۽ وفاقي وزير اطلاعات عطاءُالله تارڙ تحفا وصول ڪندڙن جي فهرست جو حصو آهن.

اهڙي طرح خاص مددگار طارق فاطمي، صدر جي ملٽري سيڪريٽري، صدر جي ترجمان مرتضيٰ سولنگي، آڊيٽر جنرل آف پاڪستان، ممڪتي وزير ريلويز، خزانه، مشرف زيدي، ڊي جي منرلز  ڊاڪٽر نواز احمد ورڪ، سيڪريٽري اقتصادي معاملا، سيڪريٽري آءِ ٽي ۽ صدر ڪي اي ڊي سي سميت ٻين کي تحفا مليا.

ڪابينه ڊويزن جي ڊيٽا موجب آڪٽوبر کان ڊسمبر جي ٽه ماهي جي تحفن ۾ روزه رسول خانه ڪعبه، مڪه مڪرمه جا ماڊ:لز، پينٽنگ، پرفيومز، شيلدز ڪارپٽ، ٽي سيٽ، تلوار، خنجر، گلدان، گهڙيال، ڊيڪوريشن پيسز، سعودي ڪافي، ڪتاب، رائل ڪيپ، يادگار، ٽيبل واچ، ميٽرو بس جو ماڊل، قهوه پاٽ، شرٽس، ميوزيڪل انسٽرومنٽ، ڪمبل، اسڪارف ۽ ٽائي سميت ٻيا تحفا شامل آهن.

ڪابينه ڊويزن جي دستاويزن موجب آڪٽوبر کان ڊسمبر 2025 ۾ وصول ڪندڙن سمورا تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرايا آهن. ڪابينه ڊويزن وصول ڪيل تحفن جون قيمتون لڳرائي رهيو آهي انهي حوالي سان اهو عمل به جاري آهي.

ڪابينه ڊويزن جي فهرست ۾ تحفا ڏيندڙن جي نالن جو خانو شامل نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته گذريل مالي سال جي آخري ڇهن مهينن جنوري کان جون 2025ع تائين جي فهرست ۾ تحفا ڏيندڙ پرڏيهي ۽ ملڪي شخصيتن جو خانو شامل هو.

 

تبصرے بند ہیں۔