سيڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ جي لاءِ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر ڪور ڪمانڊر کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد: سيڪيورٽي بابت بريفنگ جي لاءِ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر ڪور ڪمانڊر کي خط لکي ڇڏيو آهي.

خط ۾ اسپيڪر سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ لاءِ چيو آهي. هن لکيو ته اسيمبلي سيڪيورٽي جي لاءِ خصوصي ڪميٽي ٺاهي آهي. ڪميٽي آءِ جي پوليس، چيف سيڪريٽري، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کان بريفنگ ورتي آهي.

خط جي متن موجب سيڪيورٽي ڪميٽي سمورين سياسي پارٽين تي ٻڌل جرڳو گهرايو، ڪميٽي گڏيل پڌرائي به جاري ڪئي، پڌرائي به هن سان گڏ لڳل آهي. ڪميٽي هيڊ ڪوارٽرز اليون ڪور کان تفصيلي بريفنگ حاصل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿي.

خط جي متن موجب خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي ضم ٿيل ضلعن ۾ وفاقي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان جاري آپريشن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وڃي. وسيع تر سياسي، سماجي ۽ ترقياتي قدمن کان سواءِ اڪيلي سر آپريشن سان پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني نٿو بنائي سگهجي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته آپريشن سان صوبي ۾ وڌيڪ بدامني جو خطرو ٿي سگهي ٿو. خصوصي ڪميٽي(سيڪيورٽي) جي لاءِ ان ڪيمره بريفنگ جو اهتمام گڏيل طور تي مناسب تاريخ ۽ وقت تي خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلي ۾ ڪيو ويندو. خط ۾ ان ڪيمره بريفنگ جي لاءِ تاريخ ۽ وقت جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔