اسلام آباد: شادي جي گهر ۾ گيس ليڪيج ڌماڪو، فوت ٿي ويل گهوٽ، ڪنوار سميت 5 ڄڻا مٽيءَ ماءُ حوالي

اسلام آباد:  جي سيون ٽو آبپاره ۾ گيس ليڪيج ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويل 5 ڄڻن کي ايڇ ايٽ قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

حادثي ۾ فوت ٿي ويل گهوٽ شهريار، ڪنوار مهڪ ۽ گهوٽ جي والده سميت هڪ ئي خاندان جي 5 ڄڻن کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏهن ته 2 ڄڻن جون آخري رسمون اڄ ادا ڪيون وينديون.

حادثي ۾ گڏيل طور تي 8 فوتگيون ٿيون جڏهن ته 12 ڄڻا زخمي ٿيا جن مان 9 ڄڻن کي طبي امداد کان پوءِ ڊسچارج ڪيو ويو آهي. علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڌماڪو شادي جي تقريب واري گهر جي ڀر ۾ ٿيو. زوردار ڌماڪي سبب 4 گهر تباهه ٿيا جنهن سبب شاديون جون خوشيون ڏک ۾ تبديل ٿي ويون.

چيئرمين سي ڊي اي محمد علي رندهاوا موجب آچر جي صبح 7 لڳي 20 منٽن تي ڌماڪي جي اطلاع ملي جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔