پشاور: سي ٽي ڊي 24 ڪلاڪن جي دوران پشاور، خيبر، بنون ۾ آپريشن دوران 2 اهم ڪمانڊرز سميت 8 دهشتگرد مارجي ويا.
سي ٽي ڊي چيو آهي ته پشاور ۽ خيبر ۾ سي ٽي ڊي جي وڏي ڪامياب ڪارروائين ۾ فتنته الخوارج جا 6 خطرناڪ دهشتگرد مارجي ويا. آءِ جي خيبرپختونخواهه چيو ته سي ٽي ڊي جي ٽارگيٽيڊ آپريشنز ۾ وڏا دهشتگردي جا منصوبا ناڪام ٿي ويا آهن.
سي ٽي ڊي چيو ته پشاور ۾ ڳجهي اطلاع تي قبرستان جي ڀرسان 3 دهشتگرد مارجي ويا. جمرود ۾ پوليس تي حملي جي تياري ناڪام ڪئي وئي، وقت تي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.
بنون ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ سهيل عرف سنگري ۽ اسماعيل عرف عثمان مارجي ويا. جيڪي ٻئي اهم ڪمانڊرز هئا. مارجي ويل دهشتگرد پوليس چيڪ پوسٽس، ريسڪيو 1122 عمارت تي آئي اي ڊي حملن ۾ ملوث هئا. دهشتگردن کان هٿيار، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٽي ٽي پي جو ڪارڊ هٿ ڪيو ويو. سرچ آپريشن جاري آهي.
ٻئي طرف بنون پوليس پوسٽ ناله ڪاشو تي فتنته الخوارج جو حملو ناڪام بنائي ڇڏيو، پوليس وقت تي جوابي ڪارروائي ڪئي ته دهشتگرد رات جي اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته حملي ۾ ڪوبه جاني يا مالي نقصان نه ٿيو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي دهشتگردي جي منصوبي کي ناڪام بنائڻ تي سي ٽي ڊي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سي ٽي ڊي جي پيشوارانه صلاحيتن جي تعريف ڪئي.
هن چيو ته سي ٽي ڊي جي سپوتن ڪامياب آپريشن ڪري 2 انتهائي گهربل ڪمانڊرز سميت 8 خوارجين کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. آپريشن ۾ حصو وٺندڙ سي ٽي ڊي جي بهادر جوانن کي سلام، خيبرپختونخواهه ۾ خوارجين جو صفايو ڪرڻ ۾ سي ٽي ڊي جو ڪردار تعريف جوڳو آهي.
تبصرے بند ہیں۔