ڪراچي: پاڪستان جي نئين ڪرنسي نوٽن جي ڇپائيءَ لاءِ سڀ ڪجهه تيار آهي، پر اسٽيٽ بئنڪ حتمي ڊيزائن تي حڪومت جي اجازت جو انتظار ڪري رهيو آهي.سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن موجب نئين ڪرنسي کي جديد سڪيورٽي فيچرز سان گڏ تيار ڪيو ويندو پر ان جي ڊيزائن اڃا تائين نه ملي آهي. نئين ڪرنسي ڇپجڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه مهينا لڳندا.سينيئر مئنيجر پرنٽنگ عامر شمس جو چوڻ هو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن وچ ۾ نئين ڪرنسي جي ڇپائي تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.اسٽيٽ بئنڪ جي ذريعن موجب نئين ڊيزائن جي نوٽن جي ڇپائي جو حڪم ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ئي ڏنو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔