واٽس واهپيدارن لاءِ نئين سال جو تحفو،ٽي زبردست فيچر متعارف

جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ پليٽ فارم واٽس ايپ ۾ گروپ چيٽس لاءِ ٽي نوان فيچرز شامل ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ هڪ فيچر ميمبر ٽيگز، ٻيو ٽيڪسٽ اسٽيڪرز ۽ ٽيون ايونٽ ريمائنڊر آهي.
سمورن فيچرز جو مقصد گروپ چيٽس جو تجربو بهتر بڻائڻ آهي.
ميٽا طرفان جاري ڪيل بيان موجب، نئون سال شروع ٿي چڪو آهي ۽ هي گروپ چيٽس کي اپ گريڊ ڪرڻ جو بهترين وقت آهي.

ميمبر ٽيگز
ميمبر ٽيگز وارو فيچر واهپيدار کي هر چيٽ گروپ ۾ نِڪ نيم رکڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿو ته جيئن توهان پنهنجي شخصيت جو بهتر اظهار ڪري سگهو ۽ ٻين کي ٻڌائي سگهو ته گروپ ۾ توهان جو ڪردار يا رول ڇا آهي، هر گروپ ۾ توهان مختلف ٽيگ استعمال ڪري سگهو ٿا.

ٽيڪسٽ اسٽيڪرز
واٽس ايپ ۾ هاڻي ڪنهن به لفظ کي اسٽيڪر ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو ۽ انهن اسٽيڪرز کي اسٽيڪر پيڪس ۾ شامل ڪرڻ به ممڪن آهي.
ان لاءِ واهپيدار کي پنهنجو گهربل لفظ اسٽيڪر سرچ تي ٽائپ ڪرڻو پوندو جنهن کانپوءِ لفظ اسٽيڪر جي صورت اختيار ڪري وٺندو.

ايونٽ ريمائنڊر
واٽس ايپ جي تازي اَپڊيٽ ۾ ٽيون فيچر ايونٽ ريمائنڊر شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن توهان ڪنهن گروپ ۾ ڪو ايونٽ تيار ڪندئو ته ان حوالي سان مخصوص ريمائنڊر سيٽ ڪري سگهندئو.
ڪمپني موجب، انهن فيچرز کي متعارف ڪرائڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ هي تمام جلد سمورن واهپيدارن کي دستياب هوندا.

تبصرے بند ہیں۔