عابده پروين جي موت جون خبرون ڪوڙيون قرار

ڪراچي : شهور صوفي ڳائڻي عابده پروين جي وفات جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرون غلط ۽ بي بنياد آهن. ان ڳالهه جي تصديق عابده پروين جي ڌيءَ پاڻ ڪئي، جنهن واضح ڪيو ته سندس ماءُ مڪمل طور تي ٺيڪ ۽ صحتمند آهي.عابده پروين جي ڌيءَ صورتحال جي وضاحت ڪندي چيو ته ليجنڊ گلوڪاره جي موت جي خبر مڪمل طور تي غلط آهي. هن چيو ته لاهور جي دلگران چوڪ واري علائقي ۾ عابده پروين نالي هڪ عورت فوت ٿي وئي هئي، جنهن جي ڪري غلط فهمي پيدا ٿي.هن چيو ته هي خبر مڪمل طور تي ڪوڙي آهي، منهنجي ماءُ جي موت بابت غلط معلومات پکيڙي مداحن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي. عابده پروين جي ڌيءَ عوام کي اپيل ڪئي ته صرف مستند ۽ قابل اعتماد ذريعن کان معلومات حاصل ڪن ۽ افواهن تي يقين نه ڪن.انهن غلط رپورٽن عابده پروين جي ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ مداحن ۾ سخت پريشاني پيدا ڪئي آهي. خاندان عوام ۽ ميڊيا کي درخواست ڪئي آهي ته غير تصديق ٿيل معلومات پکيڙڻ کان پاسو ڪن ۽ فنڪاره ۽ سندس خاندان جي ذاتي زندگي جو احترام ڪن.

تبصرے بند ہیں۔