وار ناهن ته ڇا ٿيو! ٺوڙهي عورت شادي ڪري خود اعتمادي جو مثال قائم ڪري ڇڏيو

ڀارت سان واسطو رکندڙ مهيما گهائي جي شادي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيون آهن، هن بنا وارن جي ڪنوار بڻجي نه رڳو سڀني جو ڌيان حاصل ڪيو پر خود اعتمادي جو مثال به قائم ڪري ڇڏيو آهي.
مهيما گهائي ايلو پيشيا سبب ننڍي عمر ۾ ئي وارن کان محروم ٿي وئي هئي، هن پنهنجي شادي جي ڏينهن ڪنهن وِگ يا هٿرادو سهاري جي چونڊ نه ڪئي.
پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ مهيما ٻڌايو ته وارَ ڇڻڻ جو تجربو رڳو جسماني نه پر جذباتي طور به تڪليف ڏيندڙ هو، علاج، سوال، نظرون ۽ خاموشيون ورهين تائين مون سان گڏ رهيون، جنهن سبب مان گهڻي عرصي تائين پاڻ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي رهيس پر هڪ مرحلي تي مان سڄو بار لاهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مٿو ڪوڙائڻ مون لاءِ بغاوت نه پر سڪون بڻجي ويو.
هن چيو ته مان شادي جي اهم ڏينهن تي ڪو ٻيو روپ اختيار نه ڪيو پر پاڻ کي ان ئي شڪل ۾ قبول ڪرڻ چاهيو، جيئن مان حقيقت ۾ آهيان.
ان شادي جون تصويرون سامهون اچڻ کانپوءِ سڄي دنيا جي عورتن پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي.
ايلو پيشيا، ڪينسر ۽ ٻين سببن جي ڪري وارَن کان محروم ٿيندڙ ڪيترن ئي عورتن چيو ته مهيما کي ڏسي اسان ۾ به اعتماد ۽ پاڻ کي قبول ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿيو آهي.

تبصرے بند ہیں۔