ڪراچي : سماجي ڪارڪن مختارا مائي چيو آهي ته ڊراما سيريل ڪيس نمبر 9 هڪ ڏکوئيندڙ حقيقت آهي، اسان وٽ قانون آهن، پر انهن تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي. مختارا مائي چيو ته ميڊيا صرف تڏهن ئي آواز اٿاريندو آهي جڏهن واقعو وائرل ٿئي ٿو.هن چيو ته اسان جو قانوني نظام ايترو پيچيده آهي جو هڪ عام عورت کي خبر ناهي ته انصاف لاءِ ڪهڙا ثبوت گهرجن. مختارا مائي ڊرامي جي بهترين اسڪرپٽ ۽ اداڪاري لاءِ شاهزيب خانزاده ۽ صبا قمر جي تعريف ڪئي آهي.ياد رهي ته جيو ٽيليويزن جي ڊراما سيريل ڪيس نمبر 9 جي آخري قسط اڄ رات 8 وڳي نشر ڪئي ويندي.
تبصرے بند ہیں۔