واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي بيان ڏيندي چيو آهي ته چين ۽ روس صرف آمريڪا کان ڊڄندا آهن ۽ اسان جي عزت ڪندا آهن، نيٽو کان سواءِ عالمي طاقتون بي خوف ٿي وينديون.
ٽرمپ چيو ته آمريڪا هميشه نيٽو جي لاءِ موجود رهندو چاهي نيٽو اسان جي لاءِ موجود نه هجي پر هاڻ اسان کي شڪ آهي ته ضرورت پوڻ تي نيٽو اسان سان گڏ هوندو يا نه.
صدر ٽرمپ نيٽو ملڪن تي تنقيد ڪندي چيو ته گهڻا ملڪ پنهنجي 2 سيڪڙو جي ڊي پي جي ذميواري پوري نه ڪري رهيا هئا جنهن جي ڪري آمريڪا انهن سڀني جو بار کڻي رهيو هو. هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ڪوششن سان مون ڪجهه ملڪن کي 5 سيڪڙو تائين ادائيگي ڪرڻ تي مجبور ڪيو جيڪو انهي کان پهريان ناممڪن سمجهيو ويندو هو.
ٽرمپ پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ڪاميابين تي به روشني وڌي ۽ چيو ته مون اڪيلي سر 8 جنگيون ختم ڪرايون ۽ لکين حياتيون بچايون، اهائي حقيقي ڪاميابي آهي. ٽرمپ موجب جيڪڏهن منهنجي موجودگي نه هجي ها ته اڄ روس پوري يوڪرين تي قبضو ڪري چڪو هجي ها.
صدر ٽرمپ پنهنجي مشن تي به زور ڏنو ته آمريڪا کي ٻيهر عظيم بنائڻو آهي جيڪو منهنجي بنيادي مقصد آهي. پهرين مدي ۾ آمريڪي فوج کي مضبوط بنائڻ جو سلسلو جاري رکيو. هن ناروي جي امن جي نوبل انعام ۾ نظر انداز ڪرڻ تي به تبصرو ڪندي چيو ته انهي سان مون کي ڪوبه فرق نٿو پوي.
تبصرے بند ہیں۔