رياض: پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد سدهو جي سعودي عسڪري قيادتي سان ملاقات ۾ دفاعي تعاون وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو جي سعودي عرب جي سرڪاري دوري جي دوران پاڪ فضائيه ۽ رائل سعودي ايئر فورس جي وچ ۾ دفاعي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
سعودي عرب پهچڻ تي ايئرچيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو کي رائل سعودي ايئر فورس جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. دوري جي دوران ايئر چيف جي سعودي فضائيه جي ڪمانڊر سان ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻطرفي دفاعي تعاون، خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ مستقبل ۾ تعاون جي موقعي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده دفاعي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. گڏيل تربيت آپريشنل تعاون ۽ پيشه وارانه تجربن جي ڏي وٺ کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پاڪ سعودي دفاعي معاهدي کي گڏيل اعتماد ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي مضبوط علامت قرار ڏنو ويو.
سعودي عسڪري قيادت گڏيل تربيت ۽ دفاعي تعاون ۾ اضافي ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جڏهن ته خطي ۾ امن، استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي. اهو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻي اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي مضبوطي جي نشاني آهي ۽ دفاع، هوابازي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي گڏيل ارادن جي عڪاسي ڪري ٿو.
تبصرے بند ہیں۔