قومي سلامتي کي پيش ايندڙ خطرن جي حوالي سان زيرو ٽالرنس پاليسي آهي: فيلڊ مارشل عاصم منير

لاهور:  فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته هٿياربند فوج اعليٰ معيار، نظم، ضبط ۽ بي لوث قومي خدمت جي ڪلچر کي هٿي ڏئي رهي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير لاهور گيريزن جو دورو ڪيو جتي ڪور ڪمانڊر لاهور سندس استقبال ڪيو. دوري جي دوران فيلڊ مارشل کي فارميشن جي آپريشنل تياري، تربيت ۽ جنگي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

دوري دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير خصوصي فيلڊ ٽريننگ مشق جو مشاهدو ڪيو ۽ آفيسرن، جوانن جي پيشوارانه مهارت ۽ تياري جي تعريف ڪئي. هن قومي سلامتي کي پيش ايندڙ ڪنهن به خطري جي خلاف پاڪ فوج جي زيرو ٽالرنس پاليسي تي زور ڏيندي چيو ته هٿياربند فوج ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي.

دوري جي دوران فيلڊ مارشل سي ايم ايڇ لاهور ۾ قائم هاءِ ڪيئر سينٽر جو به معائنو ڪيو. هن جديد ۽ معياري طبي سهوليتن جي فراهمي تي طبي عملي ۽ انتظاميه جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ انهن جي خدمتن جي تعريف ڪئي. انهي کان علاوه جوانن جي لاءِ فراهم ڪيل اسپورٽس ۽ تفريحي سهولتن جو به جائزو ورتو.

هن واضح ڪيو ته هٿياربند فوج ملڪ جي خودمختاري، علاقائي سالميت ۽ داخلي استحڪام جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. پاڪ فوج پوري ڌيان، پيشوارانه مهارت ۽ مضبوط ارادي سان ڊگهن چيلنجز جو مقابلو ڪندي.

دوري جي دوران چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف ڊفينس فورسز خصوصي فيلڊ ٽريننگ مشق جو مشاهدو ڪيو جنهن ۾ جديد ترين ٽيڪنالاجيز جي استعمال جو عملي مظاهرو ڪيو ويو. اها مشق مستقبل جي جنگي ماحول سان هم آهنگي، جدت ۽ لچڪ تي پاڪ فوج جي ڀرپور ۽ موثر ڌيان کي ظاهر ڪري ٿي.  انهي کان علاوه فيلڊ مارشل عاصم منير سي ايم اڇ لاهور جي هاءِ ڪيئر سينٽر جو به دورو ڪيو، جتي هن مڪمل طور تي جديد سهولتن تي ٻڌل طبي مرڪز جي قيام تي عملي ۽ انتظاميه جي ڪاوشن جي تعريف ڪئي.

 

تبصرے بند ہیں۔