ڪوئٽه: وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئٽه پهچي ويو جتي هو بلوچستان جي لاءِ ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪندو.
رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف جو ڪوئٽه پهچڻ تي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي استقبال ڪيو. وزيراعظم اڄ ڪوئٽه ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو جنهن ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت به شامل آهي.
ڪوئٽه پهچڻ کان پوءِ وزيراعظم گورنر هائوس ويو جتي بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل سندس استقبال ڪيو. انهي موقعي تي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ملاقات ۾ صوبي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون جنهن ۾ بلوچستان جي گورنر وزيراعظم کي صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۾ انهي ۾ اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي، وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، عليم خان، راڻا ثناءُالله ۽ بلوچستان جا سياسي اڳواڻ شريڪ هئا.
ذريعن موجب دوري ۾ وزيراعظم ڪوئٽه جي سياسي قيادت سان ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم دوري دوران بلوچستان ۾ دانش اسڪول، نيشنل هاءِ وي(اين 25) ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ سان گڏوگڏ ڪيترن ئي ٻين منصوبن جو اعلان ۽ افتتاح به ڪندو.
تبصرے بند ہیں۔