خيبرپختونخواهه سڀني کان وڌيڪ لاش کنيا، دهشتگردي جي خلاف کنيل قدمن تي سياست ٿي رهي آهي: طارق فضل چوڌري

اسلام آباد:  پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته خيبرپختونخواهه سڀني کان وڌيڪ لاش کنيا آهن، افسوس آهي ته اتي دهشتگردن خلاف کنيل قدمن تي سياست ٿي رهي آهي.

پنهنجي بيان ۾ طارق فضل چوڌري چيو ته دهشتگردي جي خلاف فيصله ڪن ڪارروائين جي مخالفت اصل ۾ دهشتگردن جي بيانن کي هٿي ڏيڻ جي برابر آهن. خيبرپختونخواهه اهو صوبو آهي جنهن سڀني کان وڌيڪ لاش کنيا سڀني کان وڌيڪ قربانيون ۽ سڀني کان وڌيڪ تباهي ڏٺي پر افسوس ته اڄ انهي صوبي ۾ دهشتگردن جي خلاف رياستي قدمن تي سياست ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ طرفان آپريشن جي مخالفت سنگين سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ڇا اقتدار جي سياست قومي سلامتي کان وڌيڪ اهم ٿي چڪي آهي جن عناصرن مسجدن، بازارن، اسڪولن ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بنايو انهن جي خلاف ڪارروائي تي وسوسا پيدا ڪرڻ شهيدن جي خون سان ناانصافي آهي.

وفاقي وزير چيو ته انهي حقيقت کي نٿو وساري سگهجي ته پاڪ فوج پوليس، ايف سي ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي هزارين جوانن هن ملڪ جي امن لاءِ پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪيو. مائرون پنهنجي پٽن کان محروم ٿيون. ٻار يتيم  ٿي ويا، خاندانن جا خاندان اجڙي ويا.  اهي سڀ قربانيون ڪنهن سياسي بيانيي جي لاءِ نه پر پاڪستان جي محفوظ مستقبل جي لاءِ ڏنيون ويون.

طارق فضل چوڌري چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان ڪا ناراض ڌر نه آهي پر هڪ تسليم ٿيل دهشتگرد تنظيم آهي جنهن جا هٿ هزارين پاڪستانين جي رت سان رڱيل آهن. انهن جي خلاف نرم لهجو اختيار ڪرڻ رياستي ڪارروائين جي مخالفت ڪرڻ ۽ اصل ۾ انهن قربانين جي توهين آهي جيڪي اسان جي سيڪيورٽي اهلڪارن ڏنيون.

هن چيو ته رياست جو فرض آهي ته اهي شهرين جي جان، مال جو تحفظ ڪري، پاڪ فوج اها آئيني ذميواري نڀائي رهي آهي. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪنهن به قسم جو ڪنفيوزن نه آهي، قومي يڪجهتي ضرورت آهي. سياست پنهنجي جڳهه تي پر رياست، سلامتي ۽ شهيدن جون قربانيون هر شيءَ کان مٿانهيون ٿيڻ گهرجن.

 

تبصرے بند ہیں۔