ايران ۾ مهانگائي خلاف احتجاج جو سلسلو جاري، فوتين جو انگ 35 ٿي ويو، 1200 کان وڌيڪ گرفتار

تهران:  ايران ۾ مهانگائي ۽ ڪرنسي جي قيمت ۾ گهٽتائي جي خلاف احتجاجي مظاهرا لاڳيتو 10 ڏينهن کان جاري آهن.

مختلف شهرن  ۾ٿيل چڪرين جي دوران فوتين جو انگ 35 تائين پهچي ويو آهي جڏهن سوين ماڻهو زخمي ۽ گرفتار ڪيا ويا آهن. آمريڪي ميڊيا موجب تهران، شيراز ۽ ايران جي مغربي علائقن ۾ وڏي پيماني تي مظاهرا ٿيا جنهن جي دوران تقريبن 1200 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته مظاهرين سان چڪرين دوران 250 پوليس اهلڪار ۽ بسيج فورس جا 45 ميمبر به زخمي ٿي پيا آهن. ايراني پرڏيهي وزارت اهڙن مظاهرن تي رد عمل ڏيندي الزام لڳايو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيا آهن، تشدد کي هوا ڏني پئي وڃي.

هوڏانهن ايراني چيف جسٽس غلام حسين محسني واضح ڪيو آهي ته ملڪ ۾ بدامني ۽ انتشار پکيڙيندڙن سان ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي.  قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

معاشي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ايراني حڪومت هر شهري کي ماهوار مالي الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. سرڪاري ترجمان فاطمه مهاجراني موجب هر ماڻهو کي چئن مهينن تائين ماهوار 10 لک تومان(تقريبن 7 آمريڪي ڊالر) ڪريدٽ جي صورت ۾ ڏنا ويندا جنهن کي مخصوص ضرورت جي شين جي خريداري لاءِ استعمال ڪري سگهبو.

 

تبصرے بند ہیں۔