اين اي 130 تان ڊاڪٽر ياسمين راشد جي نوازشريف خلاف داخل پٽيشن رد، تفصيلي فيصلو جاري

لاهور:اين اي 130 تان ڊاڪٽر ياسمين راشد طرفان نوازشريف جي خلاف اليڪشن پٽيشن رد ٿيڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويو، ٽربيونل جي جج رانا زاهد 24 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو.

جاري ڪيل فصيلي موجب  چونڊ ايڪٽ جي سيڪشن 144 جي تحت پٽيشن داخل ڪرڻ وقت سموريون قانون گهرجون پوريون ڪرڻ ضروري آهن. ڊاڪٽر ياسمين راشد جي اليڪشن پٽيشن اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 14.، 142، 139 ۽ 144  جي اهليت تي پوريون نٿيون لهن. اليڪشن ايڪٽ جي تحت ڪنهن کي به ڌر بنائڻ جي لاءِ ٽربيونسل جي اجازت لازمي آحي.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪۡٽر ياسمين راشد اليڪشن پٽيشن مقرر وقت جي اندر داخل ناهي ڪئي. 14 فيبروري تي نواز شريف جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو. ٽربيونل بنجڻ جي باوجود مقرر وقت ۾ پٽيشن داخل نه ڪئي وئي. ڊاڪٽر ياسمين راشد اليڪشن ٽربيونل جي بجاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ پٽيشن داخل ڪئي.

فيصلي موجب درخواستگذار اليڪشن ڪميشن ۽ ريٽرننگ آفيسر کي ڌر بنائڻ جي لاءِ ٽربيونل کان اجازت نه ورتي. درخواستگذار جو اهو قدم غيرقانوني ۽ غير آئيني آهي. اليڪشن ڪميشن ريٽرننگ آفيسر ۽ ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر کي ڌرين جي لسٽ مان ڊيليٽ ڪيو وڃي ٿو.

ٽربيونل جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف جي ڪاميابي جي خلاف ڊاڪٽر ياسمين راشد پٽيشن نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏني وڃي ٿي.

ٽربيونل جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف جي ڪاميابي خلاف ڊاڪٽر ياسمين راشد جي پٽيشن نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏني وڃي ٿي. ڊاڪٽر ياسمين راشد جي وڪيل موجب درخواست سان گڏ لڳايل حلف نامو غلطي سان گم ٿي ويو آهي. ياسمين راشد جي وڪيل موجب اليڪشن پٽيشن سان گڏ سمورا ثبوت ۽ رسيدون لف ڪيون ويون.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف جي وڪيل اليڪشن پٽيشن جي ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ تي اعتراض اٿاريو، نوازشريف جي وڪيل  موجب اليڪشن پٽيشن قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کان سواءِ داخل ڪيون ويون. نوازشريف جي وڪيل موجب ياسمين راشد جي اليڪشن پٽيشن تي صحيح موجود نه آهي. ڊاڪٽر ياسمين راشد جي نوازشريف خلاف اليڪشن پٽيشن رد ڪئي وڃي ٿي.  ياد رهي ته ياسمين راشد نوازشريف جي اين اي 130 تان ڪاميابي کي ٽربيونل ۾ چيلينج ڪيو هو.

تبصرے بند ہیں۔