وزيراعظم اسٽيبلشمينٽ کي ڀروسي ۾ وٺي آڇ ڪئي پر عمران خان ڳالهيون ڪرڻ نٿو چاهي: راڻاثناءُالله

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُالله چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي اڳواڻ نوازشريف ۽ اسٽيبلشمينٽ کي ڀروسي ۾ وٺي پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ ڪئي پر عمران خان ڳالهيون ڪرڻ ئي نٿو چاهي.

رپورٽ موجب راڻا ثناءُالله چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بينچ پي ٽي آءِ باني جي ملاقات جو طريقيڪار طئي ڪيو،عدالت طرفان طئي ڪيل طريقيڪار موجب ملاقات کان پوءِ سياسي سرگرميون نه ٿينديون. ملاقات کان پوءِ تفرڪي وارو ماحول ٿيندو آهي، پريس ڪانفرنس ٿيندي آهي. جهيڙا شروع ٿي ويندا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته سلمان اڪرم راجا عدالت جي طريقيڪار تي عمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ملاقات ۾ طريقيڪار جي پاسداري ڪريو، قانون تي عمل ڪريو ته ملاقات ۾ ڪابه رڪاوٽ نه آهي. جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي جيل اختياريون پاسداري نه ڪري رهيون آهن ته پوءِ هي عدالت ڇو نٿا وڃن.

هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته اپوزيشن اڳواڻ جي مقرري تي حڪومت جي نيت تي ڪنهن به قسم جو شڪ نه هجڻ گهرجي. راڻا ثناءُالله چيو ته وزيراعظم ڳالهين جي دعوت ڏني ته چيو ويو ته انهن وٽ ته اختيار ئي نه آهي. وزيراعظم اسٽيبلشمينٽ ۽ پنهنجي اڳواڻ نوازشريف کي ڀروسي ۾ وٺي ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي، اوهان به قبول ڪريو.

هن چيو ته هاڻ اپوزيشن چوي ٿي ته اسان تحريڪ جو اعلان ڪندا آهيون ته حڪومت ڳالهين جي آڇ ڪندي آهي. اپوزيشن سمجهي ٿي ته انهن جي تحريڪ ڪاميابي طرف وڃي رهي آهي. اپوزيشن سمجهي ٿي ته انهن جي تحريڪ سبب حڪومت انهن کي ٽريپ ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌي رهي آهي.

مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ چيو ته اپوزيشن 5 فيبروري تي ڦيٿا روڪ هڙتال ڪري ڏسي ورتو هاڻ ٻيهر ڳالهيون ڪري وٺي. هي چون ٿا ته  پهريان ملاقات ڪرايو، پوءِ پي ٽي آءِ باني کي راضي ڪنداسين اسان کي اندازو آهي  ته پي ٽي آءِ باني ڳالهيون ڪرڻ نٿو چاهي. پي ٽي آءِ باني حڪومت ۾ هوندو آهي ته اپوزيشن سان ڳالهيون نه ڪندو آهي. پي ٽي آءِ باني کي رياست سان ٽڪراءُ جي پاليسي سان نقصان ٿيندو.

 

تبصرے بند ہیں۔