اسلام آباد: اسلام آباد کي جديد شهر بنائڻ جي منصوبي تحت گهرو وزير محسن نقوي شنگهائي اربن پلاننگ هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو.
رپورٽ موجب وفاقي گهرو وزير، نارڪوٽيڪس ڪنٽرول محسن نقوي شنگهائي جي شهري منصوبه بندي جي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي شنگهائي اربن پلاننگ جي سربراهه چن ني انهي جو استقبال ڪيو. انهي موقعي تي گهرو وزير کي شنگهائي شهر جي ماسٽر پلاننگ، ترقياتي منصوبن ۽ شهري سهولتن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ جي دوران گهرو وزير محسن نقوي کي شنگهائي ۾ شهري سهوليتون ڏيڻ سان گڏوگڏ تيز رفتار ترقي جي گڏيل نظام کان آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته وڊيوز ۽ ماڊلز جي ذريعي شنگهائي جي ترقي جي سيف ۽ ماسٽر پلان جي مختلف رخن جي وضاحت ڪئي وئي. گهرو وزير شنگهائي جي جديد سهولتن سان جڙيل اسٽيڊيم جي ماڊل جو به معائنو ڪيو.
محسن نقوي شنگهائي اربن پلاننگ جي تحت سموري ڄاڻ کي جديد طريقي تي گڏ ڪرڻ جي نظام ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل انهي نظام جي تعريف ڪئي. هن شهر جي نظام کي مربوط ۽ فول پروف بنائڻ جي قدمن جي به تعريف ڪئي.
انهي موقعي تي محسن نقوي چيو ته شنگهائي شهر تيز ترين ترقي ۾ پنهنجي مثال پاڻ آهي، شنگهائي جي ترقي هر شهر جي لاءِ تعريف جوڳي آهي. هن چيو ته اسلام آباد کي به شنگهائي جيان ڊويلپ ڪرڻ چاهيون ٿا. شنگهائي جي تيز رفتار ترقي مان فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻنداسين.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي دوري جي اختتام تي وزيٽرز بڪ ۾ پنهنجا تاثرات به لکيا. انهي موقعي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري محمد خرم آغا، چيف ڪمشنر اسلام آباد محمد علي رندهاوا ۽ آءِ جي اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي به موجود هئا.
تبصرے بند ہیں۔