اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته زرعي شعبي ۾ اصلاحات سان گڏوگڏ زراعت جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ زرعي برآمدات ۾ اضافي ۽ زرعي شعبي کي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ بابت هڪ اجلاس منعقد ٿيو.اجلاس ۾ ملڪي زرعي شعبي تي جامع رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ شعبي کي پيش ايندڙ مسئلن، موجوده صورتحال ۽ آئنده جي لائحه عمل تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته زرعي شعبي جي اصلاحات ۽ هارين کي عالمي سطح تي لاڳو جديد طريقيڪار بابت متعارف ڪرائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته حڪومت زرعي شعبي ۾ اصلاحات سان گڏوگڏ زراعت جي گڏيل ترقي جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ هارين لاءِ معياري ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي وقت تي فراهمي يقيني بنائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته زرعي جنسن جي پراسيسنگ جي ذريعي برآمدات جي قابل شين جي تياري لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن ويليوايڊيشن کي هٿي ڏئي سگهجي. حڪومتي خرچ تي هڪ هزار پاڪستاني شاگردن کي جديد زرعي تربيت جي لاءِ چين اماڻيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ زرعي شعبي جي ترقي لاءِ وڏي طاقت موجود آهي زراعت جي ترقي لاءِ تحقيق تي سرمائيڪاري ڪئي پئي وڃي ته جيئن في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ٿئي.هن وڌيڪ چيو ته ماهيگيري ۽ فروٽ سميت انهي مان تيار ڪيل مصنوعات جي برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سامونڊي پٽي تي پام آئل جي پيداوار لاءِ پاليسي قدم جوڙي پيش ڪيا وڃن جڏهن ته ايندڙ پنج سالن ۾ زرعي برآمدات وڌائڻ جي حوالي سان لائحه عمل تيار ڪيو وڃي.اجلاس ۾ وفاقي وزير محمد اورنگزيب، احسن اقبال، رانا تنوير حسين، مصدق ملڪ، عطاءُالله تارڙ ۽ لاڳاپيل اختيارين به شرڪت ڪئي.
تبصرے بند ہیں۔