ايران ۾ احتجاجي مظاهرا 78 شهرن تائين پکڙجي ويا، 19 ڄڻا مارجي ويا، 990 گرفتار

تهران: ايران ۾ جاري احتجاجي مظاهرا 26 صوبن جي 78 شهرن تائين پکڙجي ويا آهن. جتي مظاهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وچ ۾ چڪرين دوران فوتين جو انگ وڌي 19 ٿي ويو آهي.

انساني حقن تي نظر رکندڙ خبرون ڏيندڙ اداري ايڇ آر اي اين اي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته فائرنگ جي واقعن ۾ 50 کان وڌيڪ مظاهرين زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته ايراني سيڪيورٽي فورسز 990 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايڇ آر اي اين اي موجب احتجاجي مظاهرا سخت سيڪيورٽي قدمن، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي اضافي مقرري جي باوجود مسلسل پکڙجي رهيا آهن.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايران ۾ جاري احتجاجي مظاهرا نائين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويا آهن جڏهن ته يونيورسٽي جا شاگرد به احتجاجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن.

ايڇ آر اين اي جو چوڻ آهي ته مظاهرين کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز فائرنگ، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ۽ وڏي پيماني تي گرفتاريون ڪيون ته جيئن احتجاج جي دائري کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي سگهجي.

هوڏانهن حڪومت احتجاج جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عوام کي ايندڙ 4 مهينن تائين 7 ڊالر ماهوار الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر فليباف چيو ته احتجاج ڪندڙن جا جائز مطالبا ضرور مڃڻ گهرجن. هن چيو ته پرڏيهي ايجنٽن جي سازشن کي ناڪام بنايو ويندو.

 

تبصرے بند ہیں۔