’ميموري چپس جي کوٽ‘ موبائيل فون جي قيمتن ۾ واڌ

اسلام آباد: اي آئي (مصنوعي ذھانت) جو وڌندڙ استعمال ۽ عالمي “چپ وار” جو اثر ھاڻي مقامي مارڪيٽن ۾ به نظر اچڻ لڳو آھي، ڇاڪاڻ ته سمارٽ فونز جون قيمتون وڌڻ شروع ٿي ويون آھن.
انفنڪس ۽ ٽيڪنو اڳ ئي وڌايل ريٽس جو اعلان ڪري چڪا آھن، جڏھن ته ٻين برانڊز جن ۾ ويگوٽيل، ويوو، ريئلمي، اوپو وغيره شامل آھن، ايندڙ ھفتي ۾ نئين ريٽس جو اعلان ڪرڻ جو منصوبو رکن ٿا.
ڊان نيوز جي قلب علي جي خبر موجب پاڪستان موبائل فون ٺاھيندڙ ايسوسيئيشن (PMPMA) جي سينيئر وائيس چيئرمين مظفر پراچا چيو ته “ميموري چپس 20 کان 30 سيڪڙو تائين مهانگيون ٿي ويون آھن ۽ اھي سڀ درآمدي آھن.”
فون ٺاھيندڙ ميموري چپس جي وڌندڙ قيمت، اي آئي جي ڪري وڌيل طلب ۽ عالمي سپلاءِ جي کوٽ کي ھينڊ سيٽس جي قيمتن ۾ واڌ جو سبب قرار ڏئي رھيا آھن.
ايسوسيئيشن جي سينيئر ميمبر امير الله والا چيو ته. “دنيا ۾ موبائل فون ٺاھيندڙ رڳو ٽي وڏيون ڪمپنيون آھن — ايپل، سامسنگ ۽ چيني برانڊز جيڪي عالمي مارڪيٽ تي غلبو رکن ٿا.”
هن وڌيڪ چيو ته نين ڊولپمينٽس جي ڪري ڪيترين شين جون قيمتون تيزيءَ سان وڌي رھيون آھن جهڙوڪ سولر پينلز، آئي سيز ۽ چپ سيٽس، ڇاڪاڻ ته دنيا فائيو جي سان مطابقت وارن موبائل ڊيوائسز ڏانھن وڃي رھي آھي.
موبائل فون جي مدر بورڊ لاءِ اڪثر چپ سيٽس جهڙوڪ پروسيسرز ۽ ميموري چپس تائيوان ۾ ٺھندا آھن. بهرحال، ايپل ۽ سامسنگ فونز پنھنجي ڊيوائسز ۾ استعمال ٿيندڙ ميموري چپس لاءِ پنھنجيون الڳ سپلاءِ لائينون رکن ٿا.
تائيوان ۽ جاپان ۾ ميموري چپس جي سپلاءِ تمام گھڻي طلب جي ڪري محدود ٿي وئي آھي، جيڪا موبائل کان سواءِ ٻين شعبن ۾ به آھي.
ايسو سيئيشن جي وائيس چيئرمين ذيشان ميان نو ر چيو ته”اھو ان ڪري جو تقريبن سڀني ايپس ۾ اي آئي جو وسيع استعمال ٿي رھيو آھي، جنھن ڪري وڌيڪ گنجائش واري ميموري چپس جي ضرورت پئجي وئي آھي.” هن وڌيڪ چيو ته “ھاڻي فونز ۾ پري لوڊ ٿيل تقريبن سڀني ايپس ۾ اي آئي فيچرز آھن، جنھن ڪري ريم ۽ روم ٻنھي جي گنجائش جي ضرورت وڌي وئي آھي.”
ھاڻي سمارٽ فون جي گھٽ ۾ گھٽ ميموري ڪنفيگريشن 4 جي بي ريم (رينڊم ايڪسس ميموري) ۽ 64 جي بي روم (ريڊ اونلي ميموري) آھي. ريم سي پي يو جي موجوده استعمال لاءِ مختصر مدي واري اسٽوريج جو ڪم ڪري ٿي، جڏھن ته روم مستقل اسٽارٽ اپ ڪوڊ ۽ ضروري ڊيٽا اسٽور ڪري ٿي.
تائيواني ميموري چپ ٺاھيندڙن 4 جي بي/64 جي بي چپس ٺاھڻ تقريبن بند ڪري ڇڏيا آھن ۽ 4 جي بي/128 جي بي آئي سي چپس جون قيمتون به ڪافي وڌي ويون آھن ڇاڪاڻ ته پيداوار 6 جي بي/256 جي بي چپس ڏانھن مڙي وئي آھي.
جيئن جيئن فون ٺاھيندڙ وڌيڪ گنجائش واري ميموري چپس ڏانھن وڃي رھيا آھن، گھٽ گنجائش واري چپس جي کوٽ پيدا ٿي رھي آھي، جڏھن ته نوان سيٽ وڌيڪ مهانگا ٿيندا. ياد رهي ته چيني ڪمپنيون چپ ٺاھڻ تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آھي پر ان ۾ وقت لڳندو.
ان دوران شعبي جي ھڪ سينيئر ماهر چيو ته 2025ع ۾ ٿيل تازين جنگي حالتن ميزائل ۽ ڊرونز جهڙن خودمختيار ھٿيارن جي اهميت کي نمايان ڪيو آھي. ماهرن وڌيڪ چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي فون کان ٻاھرين شعبن ۾ به ھاءِ گريڊ چپ سيٽس ۽ ميموري چپس جي طلب آھي.
مقامي طور تي لڳ ڀڳ 31 ملين موبائل سيٽس ٺھندا آھن، پر انھن مان لڳ ڀڳ 47 سيڪڙو اڃا به 2G فيچر فونز آھن، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي پري ۽ گھٽ آبادي وارن علائقن ۾ 4G ۽ ڊيٽا سروسز موجود نه آھن.
ايندڙ اسپيڪٽرم جي نيلاميءَ کان پوءِ وڌيڪ ميموري گنجائش وارن سمارٽ فونز جي طلب به وڌڻ جي اميد آھي، ڇاڪاڻ ته ٽيليڪام آپريٽرز گھٽ رسائي وارن علائقن ۾ به 4G سروسز شروع ڪندا.

تبصرے بند ہیں۔