واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا وينزويلا تي ٻيو فوجي حملو ڪري سگھي ٿو جيڪڏھن صدر نڪولس مادورو جي گرفتاريءَ کان پوءِ حڪومت جا باقي ميمبر وينزويلا کي “ٺيڪ” ڪرڻ جي اسانجي ڪوششن سان تعاون نه ڪندا.
رائٽرز موجب ٽرمپ جي ايئر فورس ون تي صحافين سان ڳالھائيندي ڏنل بيان لاطيني آمريڪا ۾ وڌيڪ آمريڪي فوجي مداخلت جو امڪان وڌايو آھي، ۽ اشارو ڏنو ته ڪولمبيا ۽ ميڪسيڪو به فوجي ڪارروائيءَ ڪري سگهون ٿا، جيڪڏھن هو آمريڪا ڏانھن غير قانوني منشيات جي وهڪري کي گھٽ نه ڪندا.
ٽرمپ چيوته “آپريشن ڪولمبيا مون کي سٺو ٿو لڳي.” ھن اھو به چيو ته ڪيوبا، وينزويلا جو ويجھو اتحادي آهي جيڪو، “پاڻ ئي ڪرڻ لاءِ تيار لڳي ٿو” بغير آمريڪي فوجي ڪارروائيءَ جي.
مادورو نيويارڪ جي حراستي مرڪز ۾ آھي ۽ منشيات جي الزامن هيٺ سومر ڏينھن عدالت ۾ پيشيءَ جو انتظار ڪري رھيو آھي.آمريڪا طرفان ان جي گرفتاري تيل سان مالامال ڏکڻ آمريڪي ملڪ لاءِ اڳيان ڇا ٿيندو ان بابت غير يقينيءَ کي جنم ڏنو آھي.
ٽرمپ چيو ته وينزويلا ۾ فوري نيون چونڊون ڪرائي حڪومت قائم ڪرڻ کان بهتر آهي ته آمريڪا مادورو رجيم جي باقي ميمبرن سان گڏجي منشيات جي سمگلنگ تي ڪنٽرول ڪندي ۽ ان جي تيل صنعت کي اوورھال ڪندي.
مادورو حڪومت جا مٿيان آفيسر اڃا به اقتدار ۾ آھن ۽ مادورو ۽ ان جي زال سيليا فلوريس جي حراست کي اغوا قرار ڏنو آھي. ويزويلا ۾ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن عورت ۽ مرد هٿياربند ماڻهو، جن جي هٿن ۾ مادورو جا فوٽو آهن، سندن چوڻ آهي ته اسانجو صدر مادورو ئي آهي، آمريڪا کي هرگز ٻيهر حملو ڪرڻ نه ڏينداسين، پنهنجي وطن جو دفاع ڪنداسين. هڪ پاسي وينزويلا ۾ احتجاج ٿي رهيو آهي ته ٻئي پاسي دنيا جي ڪيترن کي ملڪن، جن ۾ خود آمريڪا، پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا سميت ڪيترائي ملڪ شامل آهن، ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ آمريڪي حملي جي مذمت ڪن پيا.
“ھتي رڳو ھڪ صدر آھي، جنھن جو نالو نڪولس مادورو موروس آھي. ڪو به دشمن جي اشتعال انگيزيءَ ۾ نه اچي،” گهرو کاتي جي وزير ڊيوسڊاڊو ڪابيلو چيو آهي ھڪ آڊيو رڪارڊنگ ۾ جيڪا اقتداري پي ايس يو وي سوشلسٽ پارٽيءَ جاري ڪئي آهي.
63 ساله مادورو جون اکيون ٻڌل ۽ ھٿڪڙيون پيل تصويرون وينزويلائي ماڻھن کي حيران ڪري ڇڏيو. ھي آپريشن واشنگٽن جو لاطيني آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ متنازعه مداخلت آهي ، 37 سال اڳ پاناما تي حملي کان پوءِ هي لاطيني آمريڪا تي وڏو حملو آهي.
وينزويلا جي دفاعي وزير جنرل ولاديمير پادرينو رياستي ٽيليويزن تي چيو ته آمريڪي حملي ۾ سپاهي، عام ماڻھو ۽ مادورو جي سيڪيورٽي ٽيم جو “وڏو حصو” سرد خون ۾ مارجي ويو آهي. وينزويلا جي مسلح فوجن کي خودمختياريءَ جي ضمانت لاءِ متحرڪ ڪيو ويو آھي. ٻئي پاسي ڪيوبا جي حڪومت چيو آهي ته حملي ۾ ان جا 32 شهري مارجي ويا آهن، جن مان گهڻا مادورو جا ذاتي محافظ هئا.
وينزويلا جي نائب صدر ڊيلسي روڊريگيز، جيڪا تيل جي وزير به آھي، وينزويلا جي مٿين عدالت جي حمايت سان عبوری ليڊر بڻجي ويئي آھي ۽ چيو آھي ته مادورو اڃا به اسانجو صدر آھي. روڊريگيز کي مادورو جي اندروني حلقي جو سڀ کان وڌيڪ عملي ميمبر سمجهيو ويندو آھي. پر ھن کلي عام ٽرمپ جي ان دعويٰ جي ترديد ڪئي آھي ته هو آمريڪا سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آھي.
ٽرمپ چيو آهي ته روڊريگيز کي مادورو کان وڌيڪ وڏي سزا ملي سگھي ٿي “جيڪڏھن هو صحيح ڪم نه ڪندي.” آچر ڏينھن دي ايٽلانٽڪ ميگزين سان انٽرويو ۾ هن کيس اها ڌمڪي ڏني هئي. جنهن تي وينزويلائي ڪميونيڪيشن وزارت ان بيان تي فوري طور تبصرو نه ڪيو آهي.
ٽرمپ اھو به چيو ته آمريڪي تيل ڪمپنين کي ملڪ جي وسيع ذخيرن تائين “مڪمل رسائي” گھرجي ۽ اشارو ڏنو ته وينزويلائي مهاجرن جو آمريڪا ڏانھن وهڪرو به مادورو کي گرفتار ڪرڻ جي فيصلي ۾ ڪردار ادا ڪيو. هن دعوا ڪئي ته مادورو، جيل کولي منشيات جا اسمگلر ۽ لکين پنهنجا ماڻهو جن ۾ ڪيترائي نشئي به شامل آهن، کي آمريڪا موڪليو آهي، جن سندس گرفتاري ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. وينزويلائي حڪومت مھينن کان چئي رھي آھي ته ٽرمپ ملڪ جي قدرتي وسيلن، خاص طور تيل، تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو، ۽ آفيسرن ٽرمپ جي اڳوڻي بيان تي تمام گھڻو زور ڏنو ته وڏيون آمريڪي تيل ڪمپنيون وينزويلا اندر داخل ٿينديون.
ڪابيلو چيو آهي ته “اسان ڪاوڙ ۾ آھيون ڇاڪاڻ ته آخر ۾ سڀ ڪجھه ظاهر ٿي ويو، ظاهر ٿيو ته هو رڳو اسان جو تيل چاھين ٿا.” ھڪ وقت لاطيني آمريڪا جي سڀ کان خوشحال ملڪن مان ھڪ، وينزويلا جي معيشت 2000ع جي ڏھاڪي ۾ صدر ھيوگو شاويز جي دور ۾ ڪري پئي ۽ مادورو جي دور ۾ وڌيڪ تباهه ٿي، جنھن دنيا جي سڀ کان وڏي پنجن شهرين مان ھڪ وينزويلائي کي ٻاھر ڀڄڻ تي مجبور ڪيو.
وينزويلا ۾ مادورو مخالف به ان جي گرفتاريءَ تي جشن ملهائڻ ۾ محتاط رھيا، ۽ سيڪيورٽي فورسز جي موجودگي آچر ڏينھن معمول کان گھٽ لڳي
آمريڪا ۾ اڀرندڙ سوال
آمريڪي سينيٽ ڊيموڪريٽڪ ليڊر چڪ شمر چيو ته وائيٽ ھائوس اهو ٻڌائڻ ۾ ناڪام رھيو آھي ته آمريڪا وينزويلا ۾ ڪيترو عرصو رھندو ۽ ڪيترا آمريڪي فوجي گھرجن.
“آمريڪي عوام پريشان آھن ته صدر ٽرمپ جا قدم ڪڏهن ختم نه ٿيندڙ جنگ پيدا ڪري رھيو آھي، اھا ئي شيءِ جنھن خلاف ڊونلڊ ٽرمپ مھم ھلائي ھئي.” شمر اي بي سي جي “دس ويڪ” تي وڌيڪ چيو ته قانون ساز ٽرمپ حڪومت جي وينزويلا ۾ وڌيڪ ڪارروائيءَ کي روڪڻ جو قدم کڻڻ لاءِ تياري ڪندا، جيتوڻيڪ ان جا امڪان غير يقيني ٿي سگھن ٿا ڇاڪاڻ ته ڪانگريس ٽرمپ جي ريپبلڪن جي ڪنٽرول ۾ آھي.
جڏھن ته ڪيترا مغربي ملڪ مادورو جا مخالف آھن، پر تنهن هوندي به هو آمريڪا کان بين الاقوامي قانون جي عزت ڪرڻ جون اپيلون ڪري رهيا آهن ۽ غير ملڪي سربراھ کي گرفتار ڪرڻ جي قانونيت تي سوال اٿارين ٿا.
اقوام متحدہ جي سيڪيورٽي ڪائونسل سومر ڏينھن حملي تي بحث لاءِ گڏ ٿيڻ جو منصوبو رکيو آھي. روس ۽ چين، ٻئي وينزويلا جي وڏا حامين، آمريڪا تي تنقيد ڪئي آھي.
تبصرے بند ہیں۔