ٽي 20 اسڪواڊ جا 4 رانديگرن ڪولمبو پهچي ويا

ڪولمبو:  سريلنڪا سان ٽي 20 سيريز لاءِ قومي ڪرڪيٽرن جو پهريون گروپ 4 رانديگرن تي مشتمل ڪولمبو پهچي ويو آهي.ڪولمبو پهچڻ واري پهرين گروپ ۾ شاداب خان، فهيم اشرف، وسيم جونيئر ۽ سلمان مرزا شامل آهن. هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن، بالنگ ڪوچ ايشلي نوفڪي، فيلڊنگ ڪوچ ۽ سپورٽ اسٽاف جا ٻيا ميمبر پڻ ڪولمبو پهچندڙن ۾ شامل آهن.بي بي ايل آل رائونڊر شاداب خان آسٽريليا کان سريلنڪا پهتو آهي. هن 3 تاريخ تي سڊني ۾ بي بي ايل ميچ کيڏيو. سريلنڪا سان سيريز کان پوءِ شاداب خان ٻيهر سڊني ٿنڊر لاءِ دستياب هوندو.قومي اسڪواڊ جا ٻيا رانديگر ۽ ميمبر اڄ منجهند لاهور کان ڪولمبو لاءِ روانا ٿيندا. پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽي 20 سيريز ميچ 7، 9 ۽ 11 جنوري تي کيڏيا ويندا.

تبصرے بند ہیں۔