اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون 15 فيبروري تي ٿينديون. ريٽرننگ آفيسرز نامزدگي ڪاغذن جي لاءِ پبلڪ نوٽيس 19 ڊسمبر تي لڳائيندا. پولنگ جو عمل صبح اٺين وڳي کان شام چئين وڳي تائين جاري رهندو.
ڪاغذات 22 کان 27 ڊسمبر تائين جمع ڪرايا ويندا. ڪاغذن جي جانچ پڙتال 30 ڊسمبر کان 3 جنوري 2026 تائين ڪئي ويندي. اپيلون 5 کان 6 جنوري 2026 تائين داخل ڪري سگهجن ٿيون. ٽربيولنز انهن اپيلن تي ڪارروائي 9 کان 13 جنوري تائين مڪمل ڪندا.
اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي آخري تاريخ 15 جنوري 2026 آهي. اميدوارن جي حتمي فهرست 16 جنوري تي لڳائي ويندي چونڊ نشان ساڳئي ڏينهن الاٽ ڪيا ويندا.
شيڊول موجب اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ پولنگ 15 فيبروري تي ٿيندي جڏهن ته نتيجا 16 فيبروري کان 19 فيبروري تائين تيار ڪيا ويندا.
تبصرے بند ہیں۔