معيشت مستحڪم، پوليس ۽ عدليه ۾ ڪرپشن ٽاپ تي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي سروي

اسلام آباد:  سموري ملڪ ۾ پوليس، ٽينڊر پروڪيورمنٽ ۽ عدليه کي سڀني کان وڌيڪ ڪرپٽ شعبن جي طور تي ڏٺو ويندو آهي، ڳري اڪثريت موجب صوبائي حڪومتون مقامي حڪومتن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪرپٽ آهن.

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان(ٽي آءِ پي) طرفان جاري ڪيل نيشنل ڪرپشن تي سيپشن سروي(اين سي پي ايس) 2025 موجب 77 سيڪڙو شرڪت ڪندڙ ڪرپشن روڪڻ وارين سرڪاري ڪوششن مان مطمئن نه آهن.

صوبائي سطح تي عدم اطمينان بلوچستان ۾ 80 سيڪڙو، پنجاب ۾ 78 سيڪڙ، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 75 سيڪڙو رهيو. حوصلو ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته سموري ملڪ جي 96 سيڪڙو ماڻهن چيو ته اهڙي ڪابه صورتحال پيش ناهي آئي جنهن ۾ انهن کي رشوت ڏيڻي پئي هجي.

معاشي لحاظ سان 57  سيڪڙو شهرين جو چوڻ هو ته انهن جي خريداري جي طاقت گذريل 12 مهينن جي دوران گهٽ ٿي، جڏهن ته 43 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ هو انهي حوالي سان صورتحال بهتر ٿي آهي. انهي جي باوجود 58 سيڪڙو(40 سيڪڙو جزوي، 18 سيڪڙو ڪُلي) شهرين انهي ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام ۽ ايف اي ٽي ايف مان انخلا جي ذريعي معيشت کي مستحڪم ڪيو.

سياسي فنڊنگ ۾ اصلاحات لاءِ عوامي راءِ تمام گهڻو مضبوط آهي. ڇو ته 42 سيڪڙو پاڪستاني چاهين ٿا ته سياسي پارٽين کي ڪاروباري ادارن طرفان فنڊنگ مڪمل طور تي بند هجي، جڏهن ته 41 سيڪڙو چاهين ٿا ته انهي کي منظم ڪيو وڃي. جنهن سان سموري ملڪ ۾ گڏيل طور تي83 سيڪڙو جي طلب بڻجي ٿي.

سرڪاري اشتهارن جي حوالي سان تيار ٿيل معمول جي ابتڙ 55 سيڪڙو شهري چاهين ٿا ته سرڪاري اشتهارن ۾ سياسي پارٽين جي نالن ۽ پارٽي قيادت جي تصويرن جو استعمال نه ٿيڻ گهرجي. 22 کان 29 سيپٽمبر دوران ڪيل انهي سروي ۾ ٻڌايو ويو ته عوام صوبائي حڪومتن کي مقامي حڪومتن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪرپٽ سمجهن ٿيون. 59 سيڪڙو ماڻهن صوبائي حڪومتن تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو جيڪي پنجاب جي معاملي ۾ سڀني کان وڌيڪ يعني 70 سيڪڙو هو.

احتساب جي ادارن تي هڪ سخت عدم اعتماد به سامهون آيو جنهن ۾ 70 سيڪڙو پاڪستاني چاهين ٿا ته نيب ۽ ايف آءِ اي جهڙن اينٽي ڪرپشن ادارن  جو به احتساب ٿيڻ گهرجي.

قومي سطح تي 24 سيڪڙو شرڪت ڪندڙ پوليس کي سڀني کان وڌيڪ ڪرپٽ شعبو قرار ڏنو انهي کان پوءِ ٽينڊر وپروڪيومنٽ 16 سيڪڙو ۽ عدليه 14 سيڪڙو سان ٽئين نمبر تي رهي.

پنجاب ۾ پوليس ڪرپشن جي باري ۾ سڀني کان خراب تاثر رپورٽ ڪيو ويو جيڪو 34 سيڪڙو هو جڏهن ته بلوچستان 22 سيڪڙو، سنڌ 21 سيڪڙو ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اها شرح 20 سيڪڙو رهي. پروڪيومنٽ جي معاملي ۾ بلوچستان ۾ سڀني کان وڌيڪ ڳڻتي نظر آئي جنهن جي شرح 23 سيڪڙو رهي انهي کان پوءِ خيبرپختونخواهه 18 سيڪڙو، سنڌ 14 سيڪڙو ۽ پنجاب 9 سيڪڙو تي رهيو.

عدليه ۾ ڪرپشن جي باري ۾ عوامي تاثر خيبرپختونخواهه ۾ سڀني کان وڌيڪ 18 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 17 سيڪڙو هو جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان ٻنهي ۾ اها شرح 12 سيڪڙو رهي. سنڌ ۾ رشوت جو تجربو سڀني کان وڌيڪ 46 سيڪڙو رپورٽ ٿيو انهي کان پوءِ پنجاب 39 سيڪڙو، بلوچستان 31 سيڪڙو ۽ خيبرپختونخواهه 20 سيڪڙو تي رهيو.

پاڪستانين ڪرپشن وڌندڙ جا 3 وڏا سبب ٻڌايا. احتساب جي کوٽ، شفافيت ۽ ڄاڻ تائين پهچ جي گهٽتائي(15 سيڪڙو) ۽ ڪرپشن جي ڪيسز جي فيصلن ۾ دير(14 سيڪڙو) صوبائي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽس کي وڏي پيماني تي غير موثر سمجهيو ويندو آهي. 33 سيڪڙو انهي کي بالڪل غير موثر جڏهن ته 34 سيڪڙو گهٽ موثر قرار ڏنو.

اسپتالن ۾ ڪرپشن کي سڀني کان وڌيڪ 38 سيڪڙو سان رپورٽ ڪيو ويو انهي کان پوءِ ڊاڪٽرن ۾ 23 سيڪڙو ۽ فارماسيوٽيڪل جي شعبي ۾ 21 سيڪڙو ڪرپشن ٻڌائي وئي. صوبائي سطح تي اسپتالن ۾ ڪرپشن جو تاثر سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ 49 سيڪڙو، خيبرپختونخواهه 46 سيڪڙو، بلوچستان 34 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 26 سيڪڙو رهيو.

ڊاڪٽرن ۾ ڪرپشن جي حوالي سان بلوچستان 35 سيڪڙو سان پهرين نمبر تي رهيو جڏهن ته فارماسيوٽيڪل ڪرپشن جي تصور ۾ پنجاب 30 سيڪڙو سان اڳيان رهيو. صحت جي شعبي ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ 23 سيڪڙو ماڻهو فارما ڪميشنز خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪندا آهن. 20 سيڪڙو سرڪاري ڊاڪٽرن جي نجي پريڪٽس تي پابندي چاهين ٿا. جڏهن ته 16 سيڪڙو مضبوط ضابطن(ريگوليشن) جي ضرورت تي زور ڏين ٿا.

صوبن ۾ سروي سان خبر پئي ته رشوت جا سڀني کان وڌيڪ واقعا سنڌ ۾ سامهون آيا جتي 46 سيڪڙو  ماڻهن عوامي خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ رشوت ڏيڻ جو اعتراف ڪيو. انهي کان پوءِ پنجاب 39 سيڪڙو، بلوچستان 31 سيڪڙو ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اها شرح 20 سيڪڙو رهي.

 

تبصرے بند ہیں۔