اسلام آباد:وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي کان پوءِ ڪنهن جي به عمران خان سان ملاقات جو هڪ سيڪڙو به امڪان نه آهي.
نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي عطاءُالله تارڙ چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي سروي ۾ 66 سيڪڙو ماڻهن چيو ته ڪنهن ڪم لاءِ رشوت ناهي ڏني، ملڪ ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي اوليت ڏني وئي آهي. ملڪ جي ڊيفالٽ جون شرطون لڳنديون هيون، پر هاڻ اسان استحڪام کان ترقي طرف وڃي رهيا آهيون.
هن چيو ته آءِ ايم ايف جي تحت ريفارم ۽ فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ سان معاشي استحڪام آيو آهي، آءِ ايم ايف اسان جي ريفارم اسٽرڪچر جي تعريف ڪئي آهي. ايف بي آر ۾ سفارش بالڪل ختم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته 2019 ۾ پي ٽي آءِ دور ۾ رپورٽ آئي ته کنڊ گهٽ آهي، ايڪسپورٽ نه ڪئي وڃي، اسان جڏهن کنڊ ايڪسپورٽ ڪئي ته وڏي مقدار ۾ هئي، آءِ ايم ايف رپورٽ ۾ کنڊ جي حوالي سان پي ٽي آءِ جي دور جو ذڪر آهي.
عطاءُالله تارڙ چيو ته حڪومت ڊي ريگوليشن طرف وڃي رهي آهي، وزيراعظم کنڊ کي ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرايو، هاڻ شوگرملز مان نڪرندڙ کنڊ جي هڪ ٻوري تي به ڪيو آر ڪوڊ لکيل آهي. انهي کي ٽريس ڪري سگهجي ٿو. کنڊ جي ذخيره اندوزي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، جتي کنڊ جون 10 ٻوريون هيون اهي به سيل ٿيون ۽ گرفتاريون به ٿيون. نه صرف کنڊ جون قيمتون گهٽ ٿيون آهن پر قيمتن ۾ به استحڪام آيو آهي.
پختونخواهه ۾ گورنر راج جي حوالي سان پڇيل سوال تي وفاقي اطلاعات واري وزير چيو ته گورنر راج جي گنجائش انهي وقت پيدا ٿيندي آهي جڏهن گورننس جي گهٽتائي هجي ۽ حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي هجي. صوبائي حڪومت امن امان، دهشتگردي جي خاتمي ۾ ناڪام ۽ گورننس معاملا هجن ته گورنر راج جو آپشن موجود هوندو آهي، جڏهن گورنر راج لڳايو ويندو ته انهي جو جواز به هوندو.
پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جي اڊياله جيل ۾ خاندان جي ماڻهن پارٽي اڳواڻن ۽ وڪيلن سان ملاقات بابت سوال تي عطاءُالله تارڙ چيو ته قانون جي ڀڃڪڙي کان پوءِ عمران خان سان ڪنهن هڪ جي به ملاقات جو ڪوبه امڪان نه آهي.
تبصرے بند ہیں۔