ڊجيٽل اثاثن بابت ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڪرپٽو ڊيل

سيول: نيور  فائينينشل، جيڪا ڏکڻ ڪوريا جي انٽرنيٽ جي وڏي ڪمپني نيور جو هڪ يونٽ آهي، تنهن ملڪ جي سڀني کان وڏي ڪرپٽو ڪرنسي ايڪسچينج اپ بٽ (Upbit) جي آپريٽر دونامو (Dunamu) کي مڪمل طور تي شيئرز جي بدلي ۾ خريد ڪرڻ تي راضي ٿي وئي آهي، جنهن جي قيمت 15.13 ٽريلين وان (10.27 بلين ڊالر) آهي. هن ادائيگي واري پليٽفارم بگذريل ڏينهن هڪ ريگيوليٽري فائيل ۾ چيو ته هي ڊيل، جيڪا هن سال ايشيا جي سڀ کان وڏي ڊيلز مان هڪ آهي، ڊجيٽل اثاثن جي بنياد تي مستقبل جي واڌ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي. نيور جي فِن ٽيڪ سبسڊيئري اعلان ڪيو ته اها اپ بٽ جي آپريٽر جي هر هڪ شيئر جي عيوض 2.54 شيئر جاري ڪندي. ڏکڻ ڪوريا ۾ ڪرپٽو ڪرنسي جو مارڪيٽ زبردست ترقي ڪري رهيو آهي، ۽ هي مرجر نيور کي ڊجيٽل اثاثن ۽ اسٽيبل ڪوائنز ۾ واڌاري جو نئون ذريعو فراهم ڪندو، جنهن سان ان جي فِن ٽيڪ ڪاروبار جي ترقي جا امڪان وڌندا، پنهنجي موجوده اشتهارن، ڪامرس ۽ ڪنٽينٽ آپريشن کان اڳتي، تجزيه نگارن موجب، هانگ ڪانگ ۾ headquartered ڊجيٽل اثاثا سروسز فرم HashKey Group جي مارڪيٽنگ هيڊ سيا يانگ چيو: “اپ بٽ ڏکڻ ڪوريا جي سڀ کان وڏي ڪرپٽو ايڪسچينج آهي، جنهن جو مارڪيٽ شيئر لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو ٻڌايو وڃي ٿو، ۽ اها تمام منافع بخش به آهي.” يانگ وڌيڪ چيو: “نيور هن ڪاروبار ۾ هم آهنگي ڏسي ٿي، ڇو ته اها پنهنجي يوزر ٽريفڪ کي اهڙي ايڪسچينج ڏانهن منتقل ڪري سگهي ٿي، جيڪا گهڻو ڪري نوجوان نسل کي مالي پراڊڪٽس فراهم ڪري ٿي.” نيسڊيڪ تي لسٽ ٿيڻ بابت گردش ڪندڙ افواهن تي جواب ڏيندي، نيور جي سي اي او چوئي سو يون خميس ڏينهن چيو ته ڪمپني جا هن وقت ڪو به مخصوص منصوبا ناهڻ، ۽ جيڪڏهن مستقبل ۾ لسٽنگ تي غور ڪيو ويو ته اهو شيئر هولڊرن جي قدر وڌائڻ کي ذهن ۾ رکي ڪيو ويندو. هن خبر بعد نيور جي شيئرز م 7 سيڪڙو اضافو ٿي ويو هو. ياد رهي ته هڪ آمريڪي ڊالر 1463 وان جي برابر آهي.

تبصرے بند ہیں۔