اسڪواش چيمپئن شپ، 3 پاڪستاني سيمي فائنل ۾ پهچي ويا

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ جاري سي اي ايس انٽرنيشنل اسڪواش چيمپيئن شپ جي سيمي فائنل ۾ ٽن پاڪستاني رانديگرن جاءِ ٺاهي ورتي آهي.چيمپيئن شپ جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾، حمزه خان ٽاپ سيڊ مصر جي ڪريم الحمامي کي 1-3 تان شڪست ڏني. 44 منٽن تائين هلندڙ ميچ ۾، حمزه خان جو فاتحانه اسڪور 11-8، 11-5، 7-11، 12-10 رهيو.هڪ ٻئي ميچ ۾، نور زمان مصر جي ياسر شودي کي 0-3 تان شڪست ڏئي ٽاپ فور ۾ جاءِ ٺاهي. مصري رانديگر خلاف نور زمان جو فاتحانه اسڪور 11-8، 11-5، 7-11، 12-10 رهيو.ناصر اقبال ڪوارٽر فائنل ۾ ٽئين سيڊ مصر جي مصطفيٰ السرتي کي 0-3 تان شڪست ڏني. سندس فاتحانه اسڪور 11-4، 11-9، 11-6 رهيو.ايونٽ ۾ چئن سيمي فائنلسٽن مان ٽي پاڪستان جا آهن. سوئٽزرلينڊ جو ڊيوڊ بارنيٽ پڻ ٽاپ فور ۾ جاءِ ٺاهي چڪو آهي. سي اي ايس انٽرنيشنل اسڪواش چيمپيئن شپ جي انعامي رقم 37,000 ڊالر آهي ۽ اهو پي ايس اي ورلڊ ٽور تي هڪ ڪوپ ايونٽ آهي.

تبصرے بند ہیں۔