نيشنل گارڊز تي حملو، آمريڪا افغان شهرين جون سموريون اميگريشن درخواستون معطل ڪري ڇڏيون

واشنگٽن:  آمريڪا وائٽ هائوس جي ڀرسان فائرنگ جي واقعي کان پوءِ افغان شهرين جي اميگريشن جون درخواستون فوري طور تي اڻڄاتل مدي جي لاءِ معطل ڪري ڇڏيون.

واشنگٽن ۾ وائٽ هائوس جي ڀرسان نيشنل گارڊز تي حملي ۾ 2 اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا جنهن کان پوءِ ٽرمپ انتظاميه هنگامي بنيادن تي اهو قدم کنيو.

آمريڪي ميڊيا موجب گرفتار شڪي شخص جي سڃاڻپ 29 ورهين جي افغان شهري رحمان الله تڪنوال جي نالي سان ڪئي وئي آهي جنهن تي الزام آهي ته انهي نيشنل گارڊ جي ٻن اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي، ٻنهي زخمي اهلڪارن جي حالت اڃان تائين ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

آمريڪي سيٽيزن شپ اينڊ اميگريشن سروس سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته افغان شهرين جي اميگريشن درخواستن جو مڪمل سيڪيورٽي جائزو ورتو ويندو جنهن سبب سموريون درخواستون وقتي طور تي روڪيون ويون آهن.

ايجنسي موجب سيڪيورٽي پروٽوڪول ۽ جانچ جي نظام کي ٻيهر جائزو وٺڻ کان پوءِ ئي درخواستن جي بحالي بابت فيصلو ڪيو ويندو.

 

تبصرے بند ہیں۔