اسلام آباد : انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب اڱاري ڏينهن خيبر پختونخوا جي علائقي بنون ۾ هڪ خفيه اطلاع تي ٻڌل آپريشن (آئی بی او) دوران 22 ڀارتي سهائتا يافته دهشتگرد ماريا ويا. آءِ ايس پي آر جي بيان موجب سيڪيورٽي فورسن سومر ڏينهن اهو آپريشن ان بنياد تي ڪيو، جتي هندستان جي پراڪسي “فتنه الخوارج” سان تعلق رکندڙ خوارج جي موجودگي جي رپورٽ هئي. “فتنه الخوارج” اهو اصطلاح آهي جيڪو رياست پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي دهشتگردن لاءِ استعمال ڪري ٿي. بيان ۾ چيو ويو ته “آپريشن جي دوران اسان جي فوجين خوارج جي پوزيشن کي مؤثر نموني نشانو بڻايو، ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 22 خوارج کي ماريو ويو.” اهو پڻ ٻڌايو ويو ته علائقي مان ٻين ممڪنه دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ صفائي جو آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي دهشتگردي خلاف مهم مڪمل رفتار سان جاري رهندي، ته جيئن “ملڪ مان پرڏيهي سهائتا يافته دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻي سگهجي.” وزيراعظم شهباز شريف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته اهي “عزمِ استحڪام” جي ويزن هيٺ دهشتگردي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته: “پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوجن سان گڏ بيٺل آهي۔ اسان ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جو جڙ کان خاتمو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.” پاڪستان خاص طور تي ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ ڏٺي آهي، خاص طور تي تڏهن کان جڏهن ٽي ٽي پي نومبر 2022 ۾ حڪومت سان پنهنجو جنگ بندي وارو معاهدو ختم ڪيو. تازو ترين واقعو ڪالهه صبح پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي هيڊڪوارٽر تي خودڪش حملي جو آهي، جنهن ۾ ٽي ايف سي اهلڪار شهيد ۽ 12 زخمي ٿيا. حملو ان وقت شروع ٿيو جڏهن هڪ خودڪش بمبار ايف سي هيڊڪوارٽر جي گيٽ تي پاڻ کي اڏائي ڇڏيو، پر فورسز فوري طور ڪارروائي ڪري سندس ٻن ساٿين کي به مار ڪري عمارت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو، جنهن ڪري وڏو نقصان ٿيڻ کان بچي ويو. اهي ٽئي حملو ڪندڙ ڇنڇر واري پريڊ کي نشانو بڻائڻ چاهيندا هئا، جيڪا سونهري مسجد روڊ وٽ مکيه گيٽ جي ويجهو لڳ ڀڳ 400 اهلڪارن جي موجودگي ۾ ٿيندي آهي. رياستي نيوز ايجنسي اي پي پي موجب شروعاتي تحقيقات مان معلوم ٿيو آهي ته حملي ۾ ملوث ٽئي دهشتگرد افغان شهري هئا.
تبصرے بند ہیں۔