ممبئي:بالي ووڊ جو ليجنڊري اداڪار ڌرميندر 89 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڀارتي ميڊيا موجب سومر تي ڌرميندر ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ زندگي جا آخري ساهه کنيا. سندس رهائشگاهه جي ٻاهران ڪيترن ئي بالي ووڊ جي اداڪارن ۽ انهن جي گهر ڀاتين کي اڇن ڪپڙن ۾ ايندي ڏٺو ويو.
مشهور فلم ساز ڪرن جوهر به انسٽاگرام تي ڌرميندر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ انهي کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو.
هو پنجاب جي لدهيانه جي هڪ ڳوٺ ۾ ڌرميندر ڪيول ڪرشن ديول جي نالي سان پيدا ٿيو هن فلم انڊسٽري ۾ قدم رکڻ کان اڳ 19 سالن جي عمر ۾ 1954 ۾ پرڪاش ڪور سان شادي ڪئي. جنهن کان پوءِ کيس اداڪاره هيما مالني سان پيار ٿي ويو جنهن سان هن شادي ڪري ورتي. 89 سالن جي عمر ۾ به ڌرميندر سوشل ميڊيا تي سرگرم رهيو. هو اڪثر اهڙيون وڊيو شيئر ڪندو رهيو جيڪي صحتمند زندگي کي هٿي ڏين ٿيون.
ياد رهي ته ڌرميندر کي 2 هفتا اڳ به ساهه کڻڻ ۾ پريشاني سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ ڀارتي ميڊيا انهي جي لاڏاڻي جون ڪوڙيون خبرون نشر ڪيون هيون. ڌرميندر جي گهر ڀاتين ڀارتي ميڊيا جي ڪوڙين خبرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انهي جي ترديد ڪئي هئي.
تبصرے بند ہیں۔